ڊولپمينٽ اٿارٽيز پاران الاٽيز کي سندن الاٽ ڪيل پلاٽن جو قبضو نه ملڻ هڪ انتهائي سنجيده مسئلو آهي: سيد ناصر حسين شاهه

ڪراچي- 21 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي مڪاني کاتي جي وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ محنت، افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڊولپمينٽ اٿارٽيز پاران الاٽيز کي سندن الاٽ ڪيل پلاٽن جو قبضو نه ملڻ هڪ انتهائي سنجيده مسئلو آهي، جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير ۽ سنڌ ڪابينا کي سخت ڳڻتي آهي. سنڌ ڪابينا ان مسئلي جي حل لاءِ هڪ …

ڪراچي- 21 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي مڪاني کاتي جي وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ محنت، افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڊولپمينٽ اٿارٽيز پاران الاٽيز کي سندن الاٽ ڪيل پلاٽن جو قبضو نه ملڻ هڪ انتهائي سنجيده مسئلو آهي، جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير ۽ سنڌ ڪابينا کي سخت ڳڻتي آهي. سنڌ ڪابينا ان مسئلي جي حل لاءِ هڪ سب ڪميٽي جوڙي آهي، جيڪا سمورن الاٽيز کي سندن الاٽ ڪيل پلاٽن جو قبضو ڏيارڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. صوبائي وزيرن چيو ته جن ڊولپمينٽ اٿارٽيز جي زمينن تي قبضو ٿيل آهي، انهن زمينن تي ترقياتي ڪم نه ٿيڻ، يا اٿارٽيز کي زمين جو قبضو ملڻ کان اڳ ئي ماڻهن کي پلاٽ الاٽ ڪرڻ سميت سمورن معاملن بابت رپورٽ هڪ هفتي اندر طلب ڪئي وئي آهي. سندن چوڻ هو ته اها انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي ته هن وقت ڪنهن به ڊولپمينٽ اٿارٽي وٽ مڪمل ڊيٽا موجود ناهي ته سندن اٿارٽي ۾ ڪيترا الاٽيز اهڙا آهن، جن کي مختلف سببن جي ڪري اڃا تائين سندن الاٽ ڪيل پلاٽن جو قبضو نه ملي سگهيو آهي. اهڙو اظهار صوبائي وزيرن سنڌ ڪابينا جي سب ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سنڌ جي مڪاني کاتي جو سيڪريٽري ڊاڪٽر وسيم شمشاد، ڪي ڊي اي، ايم ڊي اي، ايل ڊي اي، ايڇ ڊي اي، ايس ڊي اي سميت سمورين ڊولپمينٽ اٿارٽيز جو ڊائريڪٽر جنرل ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر شريڪ ٿيا. اجلاس دوران سرڪاري پلاٽن جي الاٽمينٽ ٿيڻ باوجود الاٽيز کي پلاٽن جو قبضو نه ملڻ واري معاملي تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو ۽ ان مسئلي جي مستقل حل لاءِ مختلف تجويزن تي غور ڪيو ويو. ڪميٽي جي ڪنوينر ۽ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته صوبائي محتسب اعليٰ ۽ معزز عدالتن پاران الاٽيز کي سندن الاٽ ڪيل پلاٽن جو قبضو ڏيڻ بابت جاري ڪيل سمورين هدايتن تي مڪمل عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته پلاٽن جو قبضو نه ملڻ هڪ انتهائي سنجيده مسئلو آهي ۽ ان جو ازالو ڪرڻ ضروري آهي. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ڪنهن به ڊولپمينٽ اٿارٽي وٽ اهڙن الاٽيز جو مڪمل رڪارڊ موجود ناهي، جن کي پلاٽ الاٽ ٿيڻ باوجود اڃا تائين قبضو نه ڏنو ويو آهي. هن چيو ته سمورين ڊولپمينٽ اٿارٽيز کي هڪ هفتي جي مهلت ڏني وئي آهي ته اهي پنهنجن اهڙن سمورن الاٽيز ۽ پلاٽن جو مڪمل رڪارڊ سب ڪميٽي وٽ جمع ڪرائين.صوبائي وزيرن چيو ته لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي، ڪي ڊي اي ۽ ايم ڊي اي ڪيترين ئي زمينن تان قبضو ختم ڪرايو آهي. سمورين ڊولپمينٽ اٿارٽيز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته پهرين مرحلي ۾ انهن سمورين زمينن تان قبضو ختم ڪرايو وڃي، جيڪي اڳ ئي ماڻهن کي الاٽ ٿي چڪيون آهن. هنن چيو ته جن زمينن تان قبضه مافيا قبضو خالي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، انهن کان قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ پوليس، رينجرز ۽ امن امان برقرار رکڻ وارن ٻين ادارن جي مدد حاصل ڪئي ويندي. صوبائي وزيرن چيو ته سب ڪميٽي ۾ سنڌ جو گهرو وزير پڻ شامل آهي. تنهنڪري قبضو ڪيل سموري زمين ۽ پلاٽن بابت مڪمل رپورٽ تيار ڪري ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪئي وڃي، جيئن گهرو کاتو ان معاملي تي فوري ڪارروائي ڪري سگهي. هنن واضح ڪيو ته جن الاٽيز کي پلاٽ الاٽ ٿي چڪا آهن، انهن کي هر صورت ۾ سندن پلاٽن جو قبضو ڏنو ويندو. پلاٽن جو قبضو نه ڏيڻ يا الاٽمينٽ جي عمل ۾ رڪاوٽن جا جيڪي به سبب آهن، انهن جا مڪمل تفصيل پڻ هڪ هفتي اندر ڪميٽي کي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. صوبائي وزيرن سمورين ڊولپمينٽ اٿارٽيز جي ڊي جيز کي هدايت ڪئي ته جن زمينن تي انڪروچمينٽ يا غيرقانوني قبضو آهي، جن زمينن تي ڊولپمينٽ اٿارٽيز پاران اڃا تائين ترقياتي ڪم شروع نه ڪيا ويا آهن، يا جن ماڻهن کي زمين جي دستيابي نه هجڻ باوجود پلاٽ الاٽ ڪيا ويا آهن، انهن سمورن معاملن بابت مڪمل رپورٽ ڪميٽي آڏو پيش ڪئي وڃي. صوبائي وزيرن هدايت ڪئي ته جيڪڏهن ڪنهن ڊولپمينٽ اٿارٽي جو زمين بابت روينيو بورڊ سان ڪو معاملو هلندڙ آهي، يا زمين جي ميوٽيشن، رڪارڊ يا ڪنهن ٻئي قانوني مسئلي سبب الاٽيز کي پلاٽن جو قبضو ڏيڻ ۾ رڪاوٽ پيش اچي رهي آهي، ته ان جا مڪمل تفصيل پڻ ڪميٽي کي فراهم ڪيا وڃن. سندن چوڻ هو ته سمورن معاملن جو مڪمل رڪارڊ گڏ ڪري مسئلن جي نشاندهي ڪئي ويندي ۽ لاڳاپيل ادارن سان رابطي ذريعي انهن کي حل ڪيو ويندو، جيئن جائز الاٽيز کي سندن پلاٽن جو قبضو جلد کان جلد ملي سگهي ۽ سالن کان هلندڙ سندن پريشاني جو ازالو ٿي سگهي.

مزید خبریں