ڪراچي- 21 جولاءِ (اي پي پي) بحالي کاتي بابت سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار گيانچند ايسراڻي چيو آهي ته باهه لڳڻ يا ٻُڏي وڃڻ جا حادثا هجن، ٽريفڪ حادثا، طبي ايمرجنسيز يا ڪنهن به قسم جي هنگامي صورتحال هجي، سنڌ ايمرجنسي ريسڪيو سروس 1122 عوام جي مدد لاءِ هر وقت متحرڪ آهي. اهڙو اظهار هن سنڌ ايمرجنسي ريسڪيو سروس 1122 جي هيڊڪوارٽر جو اوچتو دورو ڪرڻ دوران ڪيو جتي …
هر قسم جي قسم جي هنگامي صورتحال ۾ ريسڪيو سروس 1122 عوام جي مدد لاءِ هر وقت متحرڪ آهي: گيانچند ايسراڻي

مزید خبریں
ڪراچي- 21 جولاءِ (اي پي پي) بحالي کاتي بابت سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار گيانچند ايسراڻي چيو آهي ته باهه لڳڻ يا ٻُڏي وڃڻ جا حادثا هجن، ٽريفڪ حادثا، طبي ايمرجنسيز يا ڪنهن به قسم جي هنگامي صورتحال هجي، سنڌ ايمرجنسي ريسڪيو سروس 1122 عوام جي مدد لاءِ هر وقت متحرڪ آهي. اهڙو اظهار هن سنڌ ايمرجنسي ريسڪيو سروس 1122 جي هيڊڪوارٽر جو اوچتو دورو ڪرڻ دوران ڪيو جتي هن ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول روم سميت مختلف شعبن جو تفصيلي معائنو ڪيو ۽ اداري جي آپريشنل نظام جو سڌوسنئون جائزو ورتو. دوري دوران سنڌ جي وڏي وزير جو بحالي کاتي بابت صلاحڪار گيانچند ايسراڻي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول روم ۾ موجود رهي پاڻ مختلف ايمرجنسي ڪالز ٻڌيون، انهن جو تفصيل رڪارڊ ڪيو ۽ لاڳاپيل عملدارن کي انهن جي حل لاءِ حڪم ڏنا. گيانچند ايسراڻي ريسڪيو 1122 ۾ ايمرجنسيز تي ترت ردعمل جو پاڻ مشاهدو ڪيو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر آپريشنز ريسڪيو 1122 ڊاڪٽر عابد جلال الدين شيخ کيس اداري جي مجموعي ڪارڪردگي، جديد ايمرجنسي ريسپانس سسٽم ۽ پوري صوبي ۾ جاري ريسڪيو خدمتن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول روم کي روزانو 28 کان 30 هزار ڪالز ملن ٿيون جڏهن ته 900 کان 1000 ايمرجنسي واقعن تي عملي ڪارروائي ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته هفتيوار 2 لک کان وڌيڪ ڪالز جو جواب ڏنو ويندو آهي ۽ هزارين ماڻهن کي وقت تي امداد فراهم ڪئي ويندي آهي. ان سان گڏوگڏ 224 جديد ايمبولينسون پوري صوبي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن ۽ انهن جي نگراني مرڪزي ڪنٽرول روم مان ٿئي ٿي. ريسڪيو 1122 تحت فائر فائٽنگ، واٽر ريسڪيو، اربن سرچ اينڊ ريسڪيو ۽ ميڊيڪل ايمرجنسي سروسز پڻ فعال آهن. ٻوڏ، ٻڏڻ جي واقعن، باهه لڳڻ، عمارت ڪرڻ يا ٻين هنگامي حالتن ۾ تربيت يافته ٽيمون ترت ڪارروائي ڪنديون آهن. عملي جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ باقاعدگي سان تربيتي مشقون ۽ ورڪشاپس پڻ منعقد ڪيا ويندا آهن. اهڙي طرح جينڊر بيسڊ وائلنس ڊيسڪ ۾ پڻ گهريلو تشدد، ٻارن سان زيادتي، جنسي تشدد ۽ عورتن خلاف تشدد سان لاڳاپيل ڪيسن تي ڪارروائي ڪئي ويندي آهي. سنڌ جي وڏي وزير جي بحالي کاتي بابت صلاحڪار گيانچند ايسراڻي اداري جي مجموعي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته سنڌ ايمرجنسي ريسڪيو سروس 1122 انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول روم هن اداري جو دل آهي جنهن کي وڌيڪ فعال ۽ اثرائتو بڻايو ويندو. هن سخت هدايتون ڏنيون ته ايمرجنسي ڪالز تي فوري ۽ وقت سر ريسپانس هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي ۽ ڪنهن به قسم جي غفلت يا لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي. معاملو باهه لڳڻ جو هجي، روڊ حادثي جو، طبي ايمرجنسي جو، ٻوڏ واري صورتحال جو يا جينڊر بيسڊ وائلنس بابت ڪنهن شڪايت جو، عوام کي وقت سر مدد فراهم ڪرڻ اداري جي اولين ذميواري آهي. ديري ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. گيانچند ايسراڻي مختلف ڪيسن ۽ آپريشنز جي رپورٽن جو جائزو وٺڻ بعد اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ريسڪيو 1122 جا آفيسر ۽ اهلڪار عوامي خدمت جي جذبي سان فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن جنهن تي اهي مبارڪن جا مستحق آهن.











