سنڌ چائيلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي، سماجي ڀلائي واري کاتي تحت ڊسٽرڪٽ چائيلڊ پروٽيڪشن يونٽ حيدرآباد جي انتظام هيٺ ٻارن جي تحفظ جي حوالي سان آگاهي سيشن منعقد

حيدرآباد- 21 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ چائيلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي، سماجي ڀلائي واري کاتي تحت ڊسٽرڪٽ چائيلڊ پروٽيڪشن يونٽ حيدرآباد جي انتظام هيٺ سنڌ ميوزيم حيدرآباد جي ممتاز مرزا هال ۾ ٻارن جي تحفظ جي حوالي سان آگاهي سيشن جو اهتمام ڪيو ويو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. سيشن تقريب ۾ مختلف سرڪاري کاتن ڊسٽرڪٽ پوليس، سوشل ويلفيئر، اطلاعات کاتي جي …

حيدرآباد- 21 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ چائيلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي، سماجي ڀلائي واري کاتي تحت ڊسٽرڪٽ چائيلڊ پروٽيڪشن يونٽ حيدرآباد جي انتظام هيٺ سنڌ ميوزيم حيدرآباد جي ممتاز مرزا هال ۾ ٻارن جي تحفظ جي حوالي سان آگاهي سيشن جو اهتمام ڪيو ويو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. سيشن تقريب ۾ مختلف سرڪاري کاتن ڊسٽرڪٽ پوليس، سوشل ويلفيئر، اطلاعات کاتي جي عملدارن، سماجي تنظيمن جي نمائندن، استادن، شاگردن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز شرڪت ڪئي. سيشن جو مقصد ٻارن جي حقن، چائيلڊ پروٽيڪشن، ننڍي عمر ۾ شادي، چائيلڊ ليبر، ٻارن تي تشدد جي روڪٿام ۽ لاڳاپيل ادارن جو پاڻ ۾ ويجهي رابطي کي فروغ ڏيڻ هو. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ چائيلڊ پروٽيڪشن آفيسر شزا فاطمه پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ چائيلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي ٻارن جي جسماني، ذهني، جذباتي ۽ جنسي تشدد، چائيلڊ ليبر، پنڻ ۽ ننڍي ڄمار ۾ شادين جهڙن مسئلن کان تحفظ مهيا ڪرڻ لاءِ مختلف ادارن جي سهڪار سان ڪم ڪري رهي آهي. هن والدين تي زور ڀريو ته اهي ٻارن کي محفوظ ۽ دوستاڻو ماحول فراهم ڪن، سندن آن لائن سرگرمين تي نظر رکن ۽ ڪنهن به ناانصافي يا استحصال جي صورت ۾ فوري طور تي لاڳاپيل ادارن سان لهه وچڙ ۾ اچن. ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ چيو ته ٻارن جي بهتر سکيا جو آغاز گهر کان ئي ٿيندو آهي ۽ والدين کي گهرجي ته اهي ننڍي عمر کان ئي ٻارڙن ۾ سماجي شعور، نظم و ضبط ۽ حفاظتي آگاهي اجاگر ڪن. هن چيو ته ضلعي انتظاميا چائيلڊ ليبر جي خاتمي ۽ متاثر ٿيل ٻارن جي بحالي، تعليم ۽ ڪائونسلنگ لاءِ موثر اپاءَ اختيار ڪيا آهن ۽ اهو سلسلو مستقبل ۾ پڻ جاري رهند. هن، سمورن لاڳاپيل کاتن ۽ والدين تي زورڀريو ته اهي ٻارن جي محفوظ مستقبل خاطر گڏيل طور تي پنهنجون ذميواريون ادا ڪن. سيشن تقريب دوران شاگردن ۽ شآگردياڻين ٻارن جي حقن، تعليم ۽ چائيلڊ ليبر جي خاتمي جي موضوع تي تقريرون ۽ ٽيبلو پيش ڪيا، جڏهن ته پڄاڻي تي لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي شيلڊز ڏنا ويا. ان کان علاوه ڊسٽرڪٽ چائيلڊ پروٽيڪشن آفيسر شزا فاطمه طرفان خصوصي ٻارن ۾ وهيل چيئرز پڻ ورهايون ويون.

مزید خبریں