سنڌ حڪومت سولر سسٽم ذريعي 2 لک 75 ھزار خاندانن جون توانائي جون ضرورتون پوريوڻ ڪرڻ وڃي رھي آھي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي - 21 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ سنڌ حڪومت سولر سسٽم ذريعي 2 لک 75 ھزار خاندانن جون توانائي جون ضرورتون پوريوڻ ڪرڻ وڃي رھي آھي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ھدايتن تي 18 ارب 20 ڪروڙ ماليت جي سولر سسٽم جي فراھمي جو منصوبو سنڌ حڪومت جو انقلابي قدم آھي. ھڪ …

ڪراچي – 21 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ سنڌ حڪومت سولر سسٽم ذريعي 2 لک 75 ھزار خاندانن جون توانائي جون ضرورتون پوريوڻ ڪرڻ وڃي رھي آھي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ھدايتن تي 18 ارب 20 ڪروڙ ماليت جي سولر سسٽم جي فراھمي جو منصوبو سنڌ حڪومت جو انقلابي قدم آھي. ھڪ بيان ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ حڪومت جي سولر سسٽم جي فراھمي جي منصوبي سان آف گرڊ علائقن جا ھڪ لک 32 ھزار خاندان ۽ آن گرڊ علائقن جا ھڪ لک 43 ھزار خاندان لاڀ ماڻي رھيا آھن، سنڌ حڪومت جو مقصد گھٽ آمدني وارن ۽ ڏورانھن علائقن ۾ رھندڙ مستحق خاندان کي سھولت فراھم ڪرڻ آھي.ھن چيو تھ ھر مستحق خاندان کي 180 واٽ جو سولر پينل، بيٽريز، سينٽرل ڪنٽرول يونٽ، چارج ڪنٽرولر، موبائل چارجنگ جي سھولت، پکا ۽ ايل ايڊ لائيٽس ڏنيون پيون وڃن، منصوبي تي تيزي سان اڳڀرائي جاري آھي، ھن وقت تائين صوبي جي مختلف ضلعن ۾ 15 ھزار کان وڌيڪ سولر ھوم سسٽم ڪٽس ورھايون ويون آھن.سندس چوڻ ھو تھ سنڌ حڪومت جو ھدف آھي تھ جون 2027ع تائين رٿا کي مڪمل ڪندي سمورن 2 لک 75 ھزار مستحق خاندان کي سھولت فراھم ڪئي وڃي، سولر ھوم سسٽم منصوبو رڳو بجلي جي فراھمي جو منصوبو ناھي پر غريب عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ اھم قدم آھي.

مزید خبریں