سعودي عرب پاران ملٽي پل عمره ويزه متعارف، اهو 365 ڏينهن لاءِ هوندو،ِ قيام جي انتهائي حد 90 ڏينهن مقرر

رياض- 21 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمره واري وزارت ملٽي پل عمره ويزه متعارف ڪرايو آهي. اهو ويزه جي تاريخ کان 365 ڏينهن لاءِ هوندو جڏهن ته قيام جي انتهائي حد 90 ڏينهن هوندي. ان ويزه تي مملڪت ۾ ڪيترائي ڀيرا داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي.پرڏيهي ميڊيا مطابق وزارت جو چوڻ آهي ته ملتي پل عمره ويزه ضيوف الرحمان خدمت پروگرام ۽ مملڪت جي ويزن 2030 ع جي هدف موجب آهي جنهن جو مقصد زائرين جي …

رياض- 21 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمره واري وزارت ملٽي پل عمره ويزه متعارف ڪرايو آهي. اهو ويزه جي تاريخ کان 365 ڏينهن لاءِ هوندو جڏهن ته قيام جي انتهائي حد 90 ڏينهن هوندي. ان ويزه تي مملڪت ۾ ڪيترائي ڀيرا داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي.پرڏيهي ميڊيا مطابق وزارت جو چوڻ آهي ته ملتي پل عمره ويزه ضيوف الرحمان خدمت پروگرام ۽ مملڪت جي ويزن 2030 ع جي هدف موجب آهي جنهن جو مقصد زائرين جي آمد کي آسان ۽ خدمتن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ آهي. ملٽي پل عمره ويزه جي ضابطن جي حوالي سان چيو ويو آهي ته ان ويزه هولڊرز کي حج سيزن ۾ پهرين ذوالقعد کان 13 ذوالحج تائين مملڪت ۾ اچڻ جي اجازت نه هوندي. اهو ويزه نسڪ پورٽل تي رجسٽرڊ خدمتون فراهم ڪندڙ ڪمپنين کان سروسز پيڪيج وٺڻ سان مشروط هوندو جيڪو عمره زائرين جي رهائش جي مدي لاءِ مناسب هجي. عمره سروسز پيڪيج ڪنفرم ڪرڻ کان پوءِ ويزه جي درخواست ڏني ويندي. عمره زائرين کي نسڪ پورٽل تي عمره پرمٽ جاري ڪرائڻو پوندو. ملٽي پل عمره ويزا تي پيڪيج موجب قيام مڪمل ڪرڻ کان پوءِ مملڪت مان روانو ٿيڻ جي صورت ۾ سسٽم ۾ ويزه خودڪار طور تي ملتوي ٿي ويندو جنهن کي ٻيهر پيڪيج وٺڻ تي فعال ڪري سگهبو.