چين جي وزيراعظم پاران برطانيا جي هم منصب کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون

بيجنگ- 21 جولاءِ (اي پي پي) چين جي وزير اعظم لي چيانگ، برطانيا جي اينڊي برنهم کي وزيراعظم جو عهدوسنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب هن گذريل ڏينهن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته چين ۽ برطانيا کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبر ۽ دنيا جي اهم معيشتن طور ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون کي مضبوط بنائڻ گهرجي ان سان نه رڳو ٻنهي ملڪن کي پنهنجي ترقي ۾ فائدو ٿيندو پر عالمي امن ۽ استحڪام ۾ …

بيجنگ- 21 جولاءِ (اي پي پي) چين جي وزير اعظم لي چيانگ، برطانيا جي اينڊي برنهم کي وزيراعظم جو عهدوسنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب هن گذريل ڏينهن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته چين ۽ برطانيا کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبر ۽ دنيا جي اهم معيشتن طور ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون کي مضبوط بنائڻ گهرجي ان سان نه رڳو ٻنهي ملڪن کي پنهنجي ترقي ۾ فائدو ٿيندو پر عالمي امن ۽ استحڪام ۾ به مدد ملندي. هن چيو ته هو برطانيا جي وزيراعظم اينڊي برنهم سان گڏجي گڏيل مٽاسٽا جي معاملن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل اعتماد وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته ٻئي ملڪ ڊگهي مدي وارن منصوبن ۽ اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي اڳتي وڌائڻ لاءِ تيار آهن ته جيئن ٻنهي ملڪن جي عوام کي وڌيڪ فائدو پهچايو وڃي.