چين جو قومي گڏيل ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ 60 لک ڪلوميٽرن کان وڌي ويو

بيجنگ- 21 جولاءِ (اي پي پي) چين جي ٽرانسپورٽ بابت نائب وزير چيو آهي ته ملڪ جي 14هين پنجن سالن واري منصوبي دوران چين جي قومي ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ جي ڊيگهه 60 لک ڪلوميٽرن کان به وڌي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن اڱاري ڏينهن چين جي رياستي ڪائونسل جي اهتمام هيٺ پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ويو ته 6 محورون ، 7 راهدارين ۽ 8 رستن تي ٻڌل ٽرانسپورٽ جي بنيادي ڍانچي جي اڏاوت جو 91 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو …

بيجنگ- 21 جولاءِ (اي پي پي) چين جي ٽرانسپورٽ بابت نائب وزير چيو آهي ته ملڪ جي 14هين پنجن سالن واري منصوبي دوران چين جي قومي ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ جي ڊيگهه 60 لک ڪلوميٽرن کان به وڌي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن اڱاري ڏينهن چين جي رياستي ڪائونسل جي اهتمام هيٺ پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ويو ته 6 محورون ، 7 راهدارين ۽ 8 رستن تي ٻڌل ٽرانسپورٽ جي بنيادي ڍانچي جي اڏاوت جو 91 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي . ملڪ ۾ هاءِ اسپيڊ ريل جي آپريشنل لائينن جي مجموعي ڊيگهه 50 هزار ڪلو ميٽر کان به وڌي وئي آهي جڏهن ته قومي روڊن جي ڊيگهه هڪ لک 99 هزار ڪلو ميٽرن تائين پهچي وئي آهي. ملڪ جي بندر گاهن تي 10 هزار ٽن يا ان کان به وڌيڪ گنجائش رکندڙ برٿ جو انگ 3061 ٿي ويو آهي جڏهن ته ٽرانسپورٽ ايئر پورٽس جو انگ 270 تائين پهچي ويو آهي. هن چيو ته چين ڊاڪ ۽ فراهمي جي شعبي ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو نيٽ ورڪ قائم ڪيو آهي جنهن مان فائيدو حاصل ڪندڙ ماڻهن جو انگ به دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي.