واشنگٽن- 21 جولاءِ (اي پي پي) آءِ ايم ايف نئين پروگرام تحت يوڪرين کي 690 ملين ڊالرز قرض فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان قرض جي فراهمي جو شروعاتي معاهدو 12 جون تي طئي ٿيو هو. آءِ ايم ايف جي پريس سروس طرفان جاري بيان مطابق فنڊ جي ايگزيڪيوٽو بورڊ يوڪرين لاءِ هڪ نئين قرض جي امدادي پروگرام تحت 690 ملين ڊالرز جي قسط جي …
آءِ ايم ايف جي نئين پروگرام تحت يوڪرين کي 690 ملين ڊالرز قرض فراهم ڪرڻ جو اعلان

مزید خبریں
واشنگٽن- 21 جولاءِ (اي پي پي) آءِ ايم ايف نئين پروگرام تحت يوڪرين کي 690 ملين ڊالرز قرض فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان قرض جي فراهمي جو شروعاتي معاهدو 12 جون تي طئي ٿيو هو. آءِ ايم ايف جي پريس سروس طرفان جاري بيان مطابق فنڊ جي ايگزيڪيوٽو بورڊ يوڪرين لاءِ هڪ نئين قرض جي امدادي پروگرام تحت 690 ملين ڊالرز جي قسط جي منظوري ڏني. بيان ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف جي ماهرن يوڪرين جي 8.1 بلين ڊالرن جي 4 سالن جي قرض پروگرام جو پهريون جائزو مڪمل ڪيو. آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ يوڪرين جي 8 مهينن جو پهريون جائزو مڪمل ڪيو . جاري ڪيل دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته توسيعي فنڊ سهولت ( اي ايف ايف ) جو انتظام اٽڪل 690 ملين آمريڪي ڊالرز جي يوڪرين کي فوري فراهمي کي ممڪن بڻايو آهي. ان پروگرام تحت يوڪرين جي ڪارڪردگي وڏي پيماني تي تسلي بخش رهي آهي.











