سنڌ حڪومت محدود وسيلن هوندي به عوامي خدمت جا نوان معيار قائم ڪيا آهن: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي- 20 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت محدود وسيلن هوندي به عوامي خدمت جا نوان معيار قائم ڪيا آهن، ڪجھ ماڻهو رڳو پريس ڪانفرنسون ڪندا رهيا، جڏهن ته اسان جديد منصوبن وسيلي انهن کي عملي جواب ڏنو آهي. سنڌ جي ترقياتي منصوبن ۾ رنڊڪون وجهندڙن کي عوام اڳ به رد …

ڪراچي- 20 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت محدود وسيلن هوندي به عوامي خدمت جا نوان معيار قائم ڪيا آهن، ڪجھ ماڻهو رڳو پريس ڪانفرنسون ڪندا رهيا، جڏهن ته اسان جديد منصوبن وسيلي انهن کي عملي جواب ڏنو آهي. سنڌ جي ترقياتي منصوبن ۾ رنڊڪون وجهندڙن کي عوام اڳ به رد ڪندو آيو آهي ۽ آئنده به رد ڪندو رهندو. هڪ بيان ۾ هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت جي منصوبن کي وفاق طرفان مڪمل سهڪار ملي ته انهن جا نتيجا گهڻو وڌيڪ تيزيءَ سان عوام تائين پهچي سگهن ٿا. سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندڙ ٻڌائن ته هنن اهڙو ڪهڙو منصوبو ڏنو آهي، جنهن تي عوام فخر ڪري سگهي. هن چيو ته عوام جي خدمت ئي اسان جي سياست جي سڃاڻپ آهي. سنڌ جي ترقياتي منصوبن ۾ رنڊڪون وجهندڙن کي عوام رد ڪندو. جيڪي ماڻهو ترقي رڳو فائلن ۾ ڳولين ٿا، سي سنڌ ۾ اچي عوام جي ڀلائي لاءِ ڪيل عملي ڪم به ڏسن.