حيدرآباد ۾ وهاب شاهه ريلوي اسٽيشن ويجهو مال گاڏي سان حادثو، 20 ڪلاڪن بعد به ٽريڪ بحال نه ٿي سگهيو

حيدرآباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) وهاب شاهه ريلوي اسٽيشن ويجهو آچر ۽ سومر جي وچ واري رات مال گاڏي جي پٽڙي تان لهي وڃڻ واري حادثي کي 20 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ريلوي ٽريڪ بحال نه ٿي سگهيو، جنهن سبب اپ ۽ ڊائون ٻنهي ٽريڪن تي ريل گاڏين جي آمدرفت معطل آهي. حادثي کانپوءِ ريلوي انتظاميا ٽريڪ جي بحالي لاءِ هنگامي بنيادن تي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو هو. ريلوي اختيارين …

حيدرآباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) وهاب شاهه ريلوي اسٽيشن ويجهو آچر ۽ سومر جي وچ واري رات مال گاڏي جي پٽڙي تان لهي وڃڻ واري حادثي کي 20 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ريلوي ٽريڪ بحال نه ٿي سگهيو، جنهن سبب اپ ۽ ڊائون ٻنهي ٽريڪن تي ريل گاڏين جي آمدرفت معطل آهي. حادثي کانپوءِ ريلوي انتظاميا ٽريڪ جي بحالي لاءِ هنگامي بنيادن تي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو هو. ريلوي اختيارين موجب ڳري مشينري جي مدد سان پٽڙي تان لٿل بوگين کي هٽائڻ ۽ متاثر ريلوي لائن جي صفائي جو ڪم تيزي سان جاري آهي. ريلوي جا اعليٰ عملدار، انجنيئرنگ ٽيمون ۽ ٽيڪنيڪل عملي جا اهلڪار حادثي واري هنڌ موجود آهن ۽ ٽريڪ جي بحالي لاءِ مسلسل ڪم ڪري رهيا آهن ته جيئن ريلوي ٽريفڪ جلد کان جلد بحال ٿي سگهي. حادثي سبب اپ ۽ ڊائون ٻنهي ريلوي ٽريڪن تي ٽرينن جي اچ وڃ بند آهي، جڏهن ته ڪيترين ئي مسافر ٽرينن کي مختلف ريلوي اسٽيشنن تي روڪيو ويو آهي. ڪجهه مسافرن لاءِ متبادل سفري انتظام پڻ ڪيا ويا آهن. ريلوي اختيارين ملڪ اندر هلندڙ ٽرينن جي ٽڪيٽ بڪنگ به عارضي طور تي معطل ڪري ڇڏي آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته بحالي وارو ڪم مڪمل ٿيڻ بعد ٽرين آپريشن معمول تي آندو ويندو.