لاڙڪاڻو پوليس جون ڏوهارين خلاف ڪارروائيون، 5 جوابدار گرفتار

لاڙڪاڻو- 20 جولاءِ (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس پاران ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروايون مسلسل جاري آهن. جنهن دوران پوليس مختلف هنڌن تان پنج ڏوھاري گرفتار ڪري هٿيار، ٻه چوري ٿيل موٽر سائيڪلون، ھڪ موبائيل فون ۽ ڍور ھٿ ڪري ورتا آهن. ڪنگا پوليس قتل ڪيس ۾ ملوث ۽ گھربل ٻن جوابدارن مٺل جتوئي ۽ فيصل جتوئي کي بنا لائسنس ٻن رائفلن ۽ گولين سميت گرفتار ڪري سنڌ آرمز …

لاڙڪاڻو- 20 جولاءِ (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس پاران ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروايون مسلسل جاري آهن. جنهن دوران پوليس مختلف هنڌن تان پنج ڏوھاري گرفتار ڪري هٿيار، ٻه چوري ٿيل موٽر سائيڪلون، ھڪ موبائيل فون ۽ ڍور ھٿ ڪري ورتا آهن. ڪنگا پوليس قتل ڪيس ۾ ملوث ۽ گھربل ٻن جوابدارن مٺل جتوئي ۽ فيصل جتوئي کي بنا لائسنس ٻن رائفلن ۽ گولين سميت گرفتار ڪري سنڌ آرمز ايڪٽ تحت الڳ الڳ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي. ويھڙ پوليس سنهري روڊ واري علائقي مان ٻن گھربل جوابدارن گلزار ڀنڊ ۽ شاهنواز ڀنڊ کي بغير لائسنس پسٽل ۽ گولين سميت گرفتار ڪري سنڌ آرمز ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي. مارڪيٽ پوليس اسٽيٽ لائيف بلڊنگ واري علائقي مان شعيب ڏيٿو کي بغير لائسنس پسٽل ۽ گولين سميت گرفتار ڪري سنڌ آرمز ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڪري ورتو آھي. وليد پوليس چوري ٿيل موٽر سائيڪل ھٿ ڪري تصديق بعد اصل مالڪ محمد اسلم ڪلهوڙو حوالي ڪري ڇڏي. رحمت پور پوليس چوري ٿيل موٽر سائيڪل ھٿ ڪري تصديق بعد اصل مالڪ مصدق سومرو کي واپس ڪئي. حيدري پوليس چوري ٿيل قيمتي موبائيل فون برآمد ڪري اصل مالڪ عقيل احمد ڀٽو جي حوالي ڪري ڇڏي. ڪيٽي ممتاز پوليس چوري ٿيل قيمتي ٻڪرو ھٿ ڪري اصل مالڪ رستم علي لاشاري جي حوالي ڪري ڇڏيو. گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ جاچ سميت قانوني ۽ ضابطي جون ڪارروايون جاري آهن.