ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ جي صدارت ۾ سانوڻي جي برساتن جي تيارين ۽ اڳواٽ حفاظتي انتظامن بابت اهم اجلاس

لاڙڪاڻو- 20 جولاءِ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ آغا شير زمان جي صدارت هيٺ چوماسي برساتن جي تيارين ۽ اڳواٽ حفاظتي انتظامن بابت هڪ اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي ڪانفرنس روم ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ چيئرمين ضلعي ڪائونسل ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ مير گل محمد خان جکراڻي ۽ وائيس چيئرمين ضلعي ڪائونسل ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ مير الطاف خان کوسو پڻ ڊپٽي ڪمشنر سان گڏ موجود هئا. …

لاڙڪاڻو- 20 جولاءِ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ آغا شير زمان جي صدارت هيٺ چوماسي برساتن جي تيارين ۽ اڳواٽ حفاظتي انتظامن بابت هڪ اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي ڪانفرنس روم ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ چيئرمين ضلعي ڪائونسل ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ مير گل محمد خان جکراڻي ۽ وائيس چيئرمين ضلعي ڪائونسل ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ مير الطاف خان کوسو پڻ ڊپٽي ڪمشنر سان گڏ موجود هئا. اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن، ضلعي ۽ تعلقه سطح جي آفيسرن، ميونسپل ڪميٽي، ٽائون ڪميٽين، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر، پي پي ايڇ آءِ، آبپاشي کاتي، ورڪس اينڊ سروسز، بلڊنگز کاتي، صحت، تعليم، سيپڪو، سوئي سدرن گيس ڪمپني، ضلعي ڪائونسل، لوڪل گورنمينٽ، ريسڪيو ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ميونسپل ڪميٽين، ٽائون ڪميٽين ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته چوماسي برساتن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي مشينري، عملي ۽ ضروري وسيلن کي هر وقت تيار رکن، جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ فوري ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪري سگهجي. هن اجلاس ۾ سمورن لاڳاپيل کاتن، ميونسپل ڪميٽين، ٽائون ڪميٽين ۽ ٻين ادارن کي هدايت ڪئي ته هو ايندڙ ٻن ڏينهن اندر پنهنجو جامع ڪنٽينجنسي پلان ضلعي انتظاميا وٽ جمع ڪرائين، جنهن ۾ چوماسي دوران امڪاني هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ موجود مشينري، افرادي قوت، وسيلا، رابطا آفيسر، ريسڪيو ۽ رليف جا انتظام سميت ٻين ضروري قدمن جا مڪمل تفصيل شامل هجن. هن واضح ڪيو ته سڀئي ادارا وقت سر منصوبابندي مڪمل ڪندي ضلعي انتظاميا سان مڪمل رابطي ۾ رهن، جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ فوري ۽ اثرائتو ردعمل ڏئي سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته غير معمولي برساتن جي صورت ۾ ريسڪيو ۽ رليف جا سمورا انتظام اڳواٽ مڪمل ڪيا وڃن، حساس هنڌن جي مسلسل نگراني ڪئي وڃي ۽ ڪنهن به اڻ وڻندڙ صورتحال بابت فوري طور ضلعي انتظاميا کي آگاهه ڪيو وڃي. هن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو روزاني بنياد تي پنهنجي ڪارڪردگي جون رپورٽون پڻ ضلعي انتظاميا کي پيش ڪن، جيئن چوماسي جي موسم دوران عوام کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري سگهجي. اجلاس جي پڄاڻي تي سمورن لاڳاپيل ادارن چوماسي ايمرجنسي پلان تي مڪمل عملدرآمد ۽ ضلعي انتظاميا سان هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي.