ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي پوليس پاران ٽنڊو يوسف قبرستان ڀرسان مبينه مقابلو، هڪ جوابدار ابو سفيان لاشاري زخمي حالت ۾ هٿيار سميت گرفتار

حيدرآباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي پوليس ٽنڊو يوسف قبرستان ڀرسان مبينه مقابلي ۾ هڪ ملزم ابو سفيان لاشاري کي زخمي حالت ۾ هٿيار سميت گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته سندس ٻيو ساٿي پوليس کان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي کي علاج لاءِ سول اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي جڏهن ته سندس ساٿي جي گرفتاري لاءِ ڇاپا …

حيدرآباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي پوليس ٽنڊو يوسف قبرستان ڀرسان مبينه مقابلي ۾ هڪ ملزم ابو سفيان لاشاري کي زخمي حالت ۾ هٿيار سميت گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته سندس ٻيو ساٿي پوليس کان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي کي علاج لاءِ سول اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي جڏهن ته سندس ساٿي جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن . پوليس جي ترجمان موجب گرفتار جوابدار خلاف حيدرآباد جي مختلف ٿاڻن تي چوري قتل جي ارادي، ڦرن ۽ پوليس مقابلن جا 9 ڪيس داخل ٿيل آهن جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.