جاپان ۾ شهرين پاران حڪومتي آئيني ترميم ۽ فوجي توسيع خلاف احتجاج

ٽوڪيو- 20 جولاءِ (اي پي پي) جاپان ۾ شهرين جو حڪومت پاران امن پسند آئين ۾ ترميم ، هٿيارن جي ايڪسپورٽ بابت پابندين ۾ نرمي ۽ ٽن غير ايٽمي اصولن ۾ تبديلي جي ڪوششن خلاف احتجاج ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن اٽڪل25 هزار جاپاني شهرين حڪومت پاران امن پسند آئين جي ترميم۽ هٿيارن جي روانگي واپار بابت پابندين ۾ نرمي ۽ ٽن غير ايٽمي اصولن ۾ تبديلي جي …

ٽوڪيو- 20 جولاءِ (اي پي پي) جاپان ۾ شهرين جو حڪومت پاران امن پسند آئين ۾ ترميم ، هٿيارن جي ايڪسپورٽ بابت پابندين ۾ نرمي ۽ ٽن غير ايٽمي اصولن ۾ تبديلي جي ڪوششن خلاف احتجاج ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن اٽڪل25 هزار جاپاني شهرين حڪومت پاران امن پسند آئين جي ترميم۽ هٿيارن جي روانگي واپار بابت پابندين ۾ نرمي ۽ ٽن غير ايٽمي اصولن ۾ تبديلي جي ڪوششن خلاف احتجاج ڪيو. مظاهرو ڪندڙن جو چوڻ هيو ته جاپان جنگ کانپوءِ اختيار ڪيل امن پسند رستي کان تيزي سان پري ٿيندو پيو وڃي. هن چيو ته حڪومت جي آئيني ترميمن جو مقصد جاپان کي هڪ اهڙي ملڪ ۾ تبديل ڪرڻ آهي جيڪو جنگن ۾ حصو وٺڻ جي صلاحيت رکندو هجي ۽ جتي فوجي توسيع کي عام شهرين جي زندگين تي ترجيح ڏني وڃي. مظاهرو ڪندڙن چيو ته هو آئين جي آرٽيڪل 9 ۾ ترميم نٿا چاهين ڇو ته موجوده حالتن ۾ عام ماڻهن جي زندگي پهرين کان مشڪلاتن جو شڪار آهي. هنن چيو ته جاپان غير معمولي رفتار سان فوجي توسيع طرف وڌي رهيو آهي ان ڪري حڪومت جي فوجي توسيع ۽ آئيني ترميم جي پاليسين کي روڪڻ ضروري آهي. ٻي صورت ۾ ان جا سنگين نتاجا نڪري سگهن ٿا. مظاهرو ڪندڙن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته تاريخ کي ڏسي ڪري آئيني ترميم ۽ فوجي توسيع جي پاليسين کي اڳتي وڌڻ کان پاسو ڪيو وڃي.