رياض- 20 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزير اعظم شهزاده محمد بن سلمان سان سومر ڏينهن لبنان جي صدر جوزف عون ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق ٻنهي اڳواڻن لبنان ۽ خطي جي هاڻوڪي صورتحال کان علاوه سلامتي ۽ استحڪام وڌائڻ جي ڪوششن جون جائزو ورتو. لبنان جي صدر لبنان جي حوالي سان سعودي عرب جي …
سعودي عرب جي ولي عهد سان لبنان جي صدر جي جوٽيليفونڪ رابطو، علائقائي صورتحال تي ڳالهيون
رياض- 20 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزير اعظم شهزاده محمد بن سلمان سان سومر ڏينهن لبنان جي صدر جوزف عون ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق ٻنهي اڳواڻن لبنان ۽ خطي جي هاڻوڪي صورتحال کان علاوه سلامتي ۽ استحڪام وڌائڻ جي ڪوششن جون جائزو ورتو. لبنان جي صدر لبنان جي حوالي سان سعودي عرب جي موقف ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ مملڪت جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.












