نيامي- 20 جولاءِ (اي پي پي) اولهه آفريقي ملڪ نائجيريا جي اولهندي پاسي وري علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي جٿي تي دهستگردن جي حملي ۾ 16 فوجي مارجي ويا ۽ 23 زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب نائيجيريا جي دفاع واري وزارت بيان ۾ ٻڌايو ته اهو حملو گذريل ڏينهن تيلا بيري جي علائقي ۾ ٿيو آهي جيڪو مالي برڪينا فاسو جي سرحدن ويجهو آهي هن ٻڌايو ته جوابي …
نائجيريا ۾ دفاعي سيڪيورٽي فورسز جي جٿي تي دهشتگردن جو حملو، 16 اهلڪار مارجي ويا، 23 زخمي
نيامي- 20 جولاءِ (اي پي پي) اولهه آفريقي ملڪ نائجيريا جي اولهندي پاسي وري علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي جٿي تي دهستگردن جي حملي ۾ 16 فوجي مارجي ويا ۽ 23 زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب نائيجيريا جي دفاع واري وزارت بيان ۾ ٻڌايو ته اهو حملو گذريل ڏينهن تيلا بيري جي علائقي ۾ ٿيو آهي جيڪو مالي برڪينا فاسو جي سرحدن ويجهو آهي هن ٻڌايو ته جوابي ڪارروائي ۾ 15 دهشتگرد مارجي ويا آهن جڏهن ته 5 موٽر سائيڪلون قبضي ۾ ورتيون ويون آهن ۽ چئن کي تباهه ڪيو ويو آهي. دفاع واري وزارت موجب دفاعي سيڪيورٽي فورسز هوائي فورسز جي مدد سميت فوري جوابي ڪارروائي ڪئي ۽ علائقي ۾ سرچ ۽ ڪليئرنس ۽ سيڪورٽي آپريشنز جاري آهن .












