بيجنگ- 18 جولاءِ (اي پي پي) چين جي ٽن فضائي ڪمپنين پنهنجي ٻيڙن جي واڌ ۽ جديد ڪاري لاءِ ايئر بس جا 95 جهاز خريد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جن ۾ اي 350 ۽ اي 320 نيئو طرز جا جهاز شامل آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايئر چائنا، شين زين ايئرلائن ۽ هينان ايئرلائن شنگهائي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ جمع ڪرايل دستاويزن ۾ انهن معاهدن جا تفصيل جاري ڪيا، جن جي …
چين جي ٽن فضائي ڪمپنين جو 95 ايئر بس جهاز خريد ڪرڻ جو اعلان

مزید خبریں
بيجنگ- 18 جولاءِ (اي پي پي) چين جي ٽن فضائي ڪمپنين پنهنجي ٻيڙن جي واڌ ۽ جديد ڪاري لاءِ ايئر بس جا 95 جهاز خريد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جن ۾ اي 350 ۽ اي 320 نيئو طرز جا جهاز شامل آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايئر چائنا، شين زين ايئرلائن ۽ هينان ايئرلائن شنگهائي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ جمع ڪرايل دستاويزن ۾ انهن معاهدن جا تفصيل جاري ڪيا، جن جي مجموعي فهرستي ماليت اٽڪل 17.8 بلين ڊالر آهي. سڀ کان وڏو معاهدو ايئر چائنا ۽ ان جي ذيلي ڪمپني شين زين ايئر لائنز ڪيو، جيڪي مجموعي طور تي 55 جهاز خريد ڪنديون. ان معاهدي جي فهرستي ماليت اٽڪل 12.4 بلين ڊالر ٻڌائي وئي آهي. هينان ايئر لائنز به اي 320 نيئو 40 جهاز خريد ڪرڻ جو معاهدو ڪيو آهي، جنهن جي فهرست ماليت اٽڪل 5.4 بلين ڊالر آهي. هينان ايئرلائنز کي اهي 40 جهاز 2028ع کان 2032ع وچ ۾ مرحليوار فراهم ڪيا ويندا.











