ڪويت ايئرويز ڪيترين ئي ڪمرشل اڏامن جو شيڊيول تبديل ڪري ڇڏيو

ڪويت سٽي- 18 جولاءِ (اي پي پي) ڪويت ايئرويز، ڪويت انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي اڏامن جي اچ وڃ عارضي طور تي معطل ٿيڻ کانپوءِ پنهنجين ڪيترين ئي ڪمرشل اڏامن جو شيڊيول ٻيهر ترتيب ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا ڪويت خابرو اداري جي حوالي سان ٻڌايو ته قومي فضائي ڪمپني مسافرن کي اپيل ڪئي آهي ته هو پنهنجي اڏامن جي صورتحال تي مسلسل نظر رکن. ايئر لائن ٻڌايو ته بُڪنگ …

ڪويت سٽي- 18 جولاءِ (اي پي پي) ڪويت ايئرويز، ڪويت انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي اڏامن جي اچ وڃ عارضي طور تي معطل ٿيڻ کانپوءِ پنهنجين ڪيترين ئي ڪمرشل اڏامن جو شيڊيول ٻيهر ترتيب ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا ڪويت خابرو اداري جي حوالي سان ٻڌايو ته قومي فضائي ڪمپني مسافرن کي اپيل ڪئي آهي ته هو پنهنجي اڏامن جي صورتحال تي مسلسل نظر رکن. ايئر لائن ٻڌايو ته بُڪنگ رڪارڊ ۾ داخل موبائل نمبرن تي اپ ڊيٽس ۽ ايس ايم ايس ذريعي اڏامن جي شيڊيول ۾ موجود تبديلين کان مسافرن کي وقت تي آگاهه ڪيو ويندو.