پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي شهيدن کي ڪڏهن به ناهي وساريندي، شهيد عامر شاهه پارٽي جو قيمتي اثاثو هو: سعيد غني

ڪراچي-17 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي محنت، افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ واري وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جا ڪارڪن ڪراچي ۾ هڪ لساني جماعت جي هٿان صرف ان ڪري شهيد ٿيندا رهيا، ڇاڪاڻ ته هو ان جماعت جي امن دشمن سرگرمين خلاف بيٺا رهيا. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي شهيدن کي ڪڏهن به نه …

ڪراچي-17 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي محنت، افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ واري وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جا ڪارڪن ڪراچي ۾ هڪ لساني جماعت جي هٿان صرف ان ڪري شهيد ٿيندا رهيا، ڇاڪاڻ ته هو ان جماعت جي امن دشمن سرگرمين خلاف بيٺا رهيا. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي شهيدن کي ڪڏهن به نه وساريندي ۽ شهيد عامر شاهه پارٽي جو قيمتي اثاثو هو. هن اهڙن خيالن جو اظهار پيپلز يوٿ آرگنائيزيشن ڪراچي پاران پيپلز يوٿ ڪراچي جي اڳوڻي صدر شهيد عامر شاهه، شهيد خالد جاگيراڻي ۽ شهيد عامر گبول جي ورسي جي موقعي تي پيپلز سيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب کي پيپلز پارٽي ضلعي اوڀر جي صدر اقبال ساند، ضلعي مرڪزي جي صدر سردار خان، ضلعي ڏکڻ جي صدر جاويد ناگوري، پيپلز يوٿ ڪراچي ڊويزن جي صدر راشد خاصخيلي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. قرآن خواني ۽ فاتحه خواني کان پوءِ خطاب ڪندي سعيد غني چيو ته شهيد عامر شاهه جي شهادت سان پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ بهادر، متحرڪ ۽ باصلاحيت سياسي ڪارڪن کي ضايع ڪيو. هن چيو ته عامر شاهه ان ڏکئي دور ۾ پيپلز يوٿ ڪراچي جي قيادت سنڀالي، جڏهن شهر ۾ بدامني ۽ خونريزي جو ماحول هو. سندس قيادت ۾ هزارين نوجوان پارٽي سان وابسته ٿيا ۽ پيپلز يوٿ آرگنائيزيشن ڪراچي کي هڪ مضبوط نوجوان تنظيم طور منظم ڪيو. سعيد غني وڌيڪ چيو ته شهيد عامر شاهه، شهيد عامر گبول، شهيد خالد جاگيراڻي سميت پارٽي جا ڪيترائي ڪارڪن امن دشمن سرگرمين جي مخالفت ڪرڻ سبب شهيد ڪيا ويا، پر پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي شهيدن جي قربانين کي هميشه ياد رکندي. تقريب کي خطاب ڪندي پيپلز يوٿ آرگنائيزيشن ڪراچي جي صدر ۽ صفورا ٽائون جي چيئرمين راشد خاصخيلي چيو ته شهيد عامر شاهه اڄ به پيپلز يوٿ جي ڪارڪنن لاءِ مشعلِ راهه آهي. هن چيو ته عامر شاهه جي قيادت ۾ پيپلز يوٿ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فڪر کي نوجوانن تائين پهچايو ۽ ڪراچي ۾ هزارين نوجوانن کي منظم ڪيو. تقريب ۾ پيپلز پارٽي ڪراچي جي جنرل سيڪريٽري رؤف احمد ناگوري، ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات شڪيل چوڌري، ضلعي ڏکڻ جي صدر جاويد ناگوري، ضلعي ڪياماڙي جي صدر ۽ ايم پي اي لياقت آسڪاڻي، وڏي وزير جي صلاحڪار سيد نجمي عالم، سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ايم پي اي سعديه جاويد، آصف راهي، پيپلز يوٿ ڪراچي جي جنرل سيڪريٽري حيدر خان، سيڪريٽري اطلاعات فريد ميمڻ، شهيدن جي وارثن سيد خاور شاهه، سيد بابر شاهه، سليم جاگيراڻي، شهباز گبول ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پيپلز يوٿ آرگنائيزيشن جا عهديدار ۽ ڪارڪن وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا ۽ شهيدن کي سندن بي لوث قربانين تي ڀيٽا پيش ڪئي.

مزید خبریں