ڪراچي-17 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي سان چين جي وقتي قونصل جنرل فينگ دهينگ گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪ-چين اسٽريٽجڪ شراڪت داري، ٻطرفن لاڳاپن ۽ اقتصادي سهڪار کي وڌائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن سنڌ ۾ چيني صنعتي سهڪار، ترقياتي رٿائن ۽ معاشي رابطن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي مڪمل اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ واپار، صنعت …
سنڌ جي گورنر سان چين جي وقتي قونصل جنرل جي گورنر هائوس ۾ ملاقات
ڪراچي-17 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي سان چين جي وقتي قونصل جنرل فينگ دهينگ گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪ-چين اسٽريٽجڪ شراڪت داري، ٻطرفن لاڳاپن ۽ اقتصادي سهڪار کي وڌائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن سنڌ ۾ چيني صنعتي سهڪار، ترقياتي رٿائن ۽ معاشي رابطن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي مڪمل اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ واپار، صنعت ،انفرااسٽرڪچر ،ٽيڪنالاجي ،جدت ۽ گڏيل اقتصادي سهڪار کي زور وٺائڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. گورنر سنڌ سيد محمد نهال هاشمي چيو ته پاڪستان ۽ چين جي لازوال دوستي گڏيل اعتماد ،اخلاص ۽ گڏيل ترقي جو روشن مثال آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته چين هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو قابل اعتماد ۽ مخلص دوست رهيو آهي. ملاقات ۾ عوامي رابطن، ثقافتي مٽاسٽا،سياحت ،ڪاروباري شراڪت داري ۽ صنعتي شراڪت کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. چين جي وقتي قونصل جنرل فينگ دهينگ ڳالهائيندي چيو ته چين جا واپاري ادارا سنڌ ۾ دستياب وسيع معاشي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا. ملاقات دوران صوبي ۾ خاص اقتصادي زونز، مينوفيڪچرنگ ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سهڪار جي نون امڪانن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. آخر ۾ ٻنهي ملڪن معاشي ۽ اقتصادي شراڪت داري، صنعتي سهڪار ۽ گڏيل ترقي کي نين بلندين تائين کڻي وڃڻ جي پختي عزم کي ورجايو.












