ڪراچي-17 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي انصاف جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته دنيا ۾ پائيدار امن جي قيام ۽ بغير ڪنهن فرق ۽ اڻبرابري جي انصاف ممڪن ناهي. هن ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته طاقتور ۽ ڪمزور لاءِ ڌار ڌار انصاف جو نظام عالمي ضمير تي هڪ وڏو سواليا نشان ۽ ڳڻتي جو سبب آهي. پاڪستان …
طاقتور ۽ ڪمزور لاءِ ڌار ڌار انصاف جو نظام عالمي ضمير تي هڪ وڏو سواليا نشان ۽ ڳڻتي جو سبب آهي: سنڌ جو گورنر سيد محمد نهال هاشمي
ڪراچي-17 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي انصاف جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته دنيا ۾ پائيدار امن جي قيام ۽ بغير ڪنهن فرق ۽ اڻبرابري جي انصاف ممڪن ناهي. هن ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته طاقتور ۽ ڪمزور لاءِ ڌار ڌار انصاف جو نظام عالمي ضمير تي هڪ وڏو سواليا نشان ۽ ڳڻتي جو سبب آهي. پاڪستان عالمي امن،انساني حقن جي تحفظ ۽ عالم قانونن جي بالادستي لاءِ پنهنجو هاڪاري ۽ اثرائتو ڪردار هميشه وانگر جاري رکندو. گورنر سنڌ عالمي سطح تي جاري ناانصافين کي اجاڳر ڪندي چيو ته والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڀارت جا سنگين ظلم عالمي انصاف جي ادارن لاءِ هڪ وڏو امتحان آهن. هن مطالبو ڪيو ته ڪشميري عوام کي سندن امنگن ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب سندن بنيادي خوداراديت جو بنيادي حق ۽ تڪڙو انصاف فراهم ڪيو وڃي. سيد محمد نهال هاشمي فلسطين جي صورتحال تي به گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته فلسطين، خاص ڪري غزه ۾ هٿين خالي ۽ معصوم شهرين جي قتل عام کي فوري طور تي روڪيو وڃي. هن واضح ڪيو ته فلسطين ۽ ڄمون ڪشمير جي پراڻن مسئلن جو منصفاڻو ۽ پائيدار حل ئي عالمي امن ۽ حقيقي انصاف جي ضمانت آهي.












