سنڌ حڪومت پاران ڪراچي جي ٽريفڪ ۾ بھتري لاءِ يونيورسٽي روڊ جي مڪسڊ ٽريفڪ لين کي جلد کولڻ جو فيصلو

ڪراچي-17 جولاءِ (اي پي پي)سنڌ حڪومت ڪراچي جي ٽريفڪ ۾ بھتري ۽ شھرين کي جلد کان جلد رليف فراھم ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي روڊ جي مڪسڊ ٽريفڪ لين کي جلد کولڻ جو فيصلو ڪيو آھي. اھڙي فيصلي جو اعلان سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ريڊ لائن بي آر ٽي رٿا بابت ھڪ اھم اجلاس ۾ ڪيو ويو، جنھن ۾ منصوبي تي جاري …

ڪراچي-17 جولاءِ (اي پي پي)سنڌ حڪومت ڪراچي جي ٽريفڪ ۾ بھتري ۽ شھرين کي جلد کان جلد رليف فراھم ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي روڊ جي مڪسڊ ٽريفڪ لين کي جلد کولڻ جو فيصلو ڪيو آھي. اھڙي فيصلي جو اعلان سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ريڊ لائن بي آر ٽي رٿا بابت ھڪ اھم اجلاس ۾ ڪيو ويو، جنھن ۾ منصوبي تي جاري تعميراتي ڪمن ۽ مجموعي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.اجلاس دوران رٿا جي مختلف حصن تي جاري تعميراتي سرگرمين، درپيش چئلينجز ۽ اُنھن جي فوري حل جي لاءِ کنيل قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اختيارين ٻڌايو تہ ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبي تي ڪم تيزي سان جاري آھي ۽ مختلف حصن ۾ اڳڀرائي کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ سمورا لاڳاپيل ادارا گڏيل رابطي ۽ اثرائتي ھم آھنگي سان ڪم ڪري رھيا آھن. اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبو ڪراچي جي عوام جي لاءِ ھڪ اھم ۽ انقلابي سفري منصوبو آھي، جنھن جي بروقت تڪميل سنڌ حڪومت جي پھرين اوليتن ۾ شامل آھي. ھن ھدايت ڪئي ته سمورا لاڳاپيل ادارا مقرر مدي اندر رٿا کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پنھنجون ذميواريون اثرائتي انداز ۾ ادا ڪن ته جيئن شھرين کي جلد کان جلد سفري سھولتون ملي سگھن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت شھرين کي بھتر، محفوظ، جديد ۽ ماحول دوست سفرري سھولتن جي فراھمي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رھي آھي. ھن اھو عزم ورجايو ته ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبي جي تڪميل سان ڪراچي ۾ جديد پبلڪ ٽرانسپورٽ نظام کي ھٿي ملندي، ٽريفڪ جي مسئلن ۾ نمايان گھٽتائي ايندي ۽ لکين شھرين کي معياري، آرام ده ۽ جٽادار سفري سھولتون ملنديون.اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ٽرانس ڪراچي زبير چنا، منصوبي جي ڪنسلٽنٽس ۽ لاڳاپيل ادارن جي ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.

مزید خبریں