ڪراڪس- 17 جولاءِ(اي پي پي)وينزويلا ۾ آيل طاقتور زلزلن جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ وڌي 4930 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 20 هزار کان وڌيڪ ماڻهو امدادي ڪيمپن ۾ ترسيل آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق حڪومتي بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 101 ماڻهو فوت ٿيا جڏهن ته امدادي ڪاررواين دوران محفوظ طريقي سان بچايل ماڻهن جي انگ ۾ به اضافو ٿيو آهي. اختيارين ٻڌايو …
وينزويلا ۾ زلزلن سبب فوتين جو انگ وڌي 4930 ٿي ويو، 20 هزار ماڻهو امدادي ڪيمپن ۾ ترسيل

مزید خبریں
ڪراڪس- 17 جولاءِ(اي پي پي)وينزويلا ۾ آيل طاقتور زلزلن جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ وڌي 4930 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 20 هزار کان وڌيڪ ماڻهو امدادي ڪيمپن ۾ ترسيل آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق حڪومتي بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 101 ماڻهو فوت ٿيا جڏهن ته امدادي ڪاررواين دوران محفوظ طريقي سان بچايل ماڻهن جي انگ ۾ به اضافو ٿيو آهي. اختيارين ٻڌايو ته 17907 ماڻهو بي گهر ٿيا آهن جڏهن ته ته متاثرن لاءِ قائم ڪيل 107 عارضي پناهگاهن ۾ 21210 ماڻهو ترسيل آهن. زلزلن سبب 856 عمارتن کي نقصان پهتو آهي جن مان 190 مڪمل طور ڊهي پيون آهن. اختيارين مطابق امدادي سرگرمين ۾ 30،989 وينزويلا جا اهلڪار، 31745 رضاڪار ۽ 2278 عالمي امدادي ڪارڪن شامل آهن.










