لواري شريف ڀرسان چار ڏينهن اڳ 11 هزار وولٽ جي هاءِ ٽينشن بجلي جي لائن تي ڪم ڪرڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب زخمي ٿيل نوجوان فوت، علائقي واسين پاران واقعي جي جانچ جو مُطالبو

بدين - 17 جولاءِ (اي پي پي) لواري شريف ڀرسان چار ڏينهن اڳ 11 هزار وولٽ جي هاءِ ٽينشن بجلي جي لائن تي پرائيويٽ طور بجلي جو ڪم ڪرڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب زخمي ٿيل نوجوان مصري عرف پوڙهو ملاح لاڏاڻو ڪري ويو، علائقي واسين واقعي جي جانچ جو مُطالبو ڪندي انصاف جي گهُر ڪئي آهي. مصري عرف پوڙهو ملاح لواري شريف جي ٽالپر محلي ۾ 11 هزار وولٽ جي …

بدين – 17 جولاءِ (اي پي پي) لواري شريف ڀرسان چار ڏينهن اڳ 11 هزار وولٽ جي هاءِ ٽينشن بجلي جي لائن تي پرائيويٽ طور بجلي جو ڪم ڪرڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب زخمي ٿيل نوجوان مصري عرف پوڙهو ملاح لاڏاڻو ڪري ويو، علائقي واسين واقعي جي جانچ جو مُطالبو ڪندي انصاف جي گهُر ڪئي آهي. مصري عرف پوڙهو ملاح لواري شريف جي ٽالپر محلي ۾ 11 هزار وولٽ جي بجلي جي لائن تي مرمتي ڪم ڪري رهيو هو. ذريعن موجب هن گرڊ اسٽيشن سان رابطو ڪري لائن بند ڪرائي هئي، پر مبينا طور اڻڄاڻائي يا غفلت سبب لائن جي مڪمل ڪليئرنس کان اڳ ئي بجلي ٻيهر بحال ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ کيس زوردار ڪرنٽ لڳو ۽ هو پول تان هيٺ ڪري پيو. حادثي کانپوءِ کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ فوري طور حيدرآباد جي لال بتي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو چئن ڏينهن تائين علاج هيٺ رهيو. پر جسم جي مختلف حصن ۾ ٿيل فريڪچرن ۽ سخت زخمن سبب لاڏاڻو ڪري ويو، فوتي جو لاش ضروري ڪارروائي بعد سندس اباڻي ڳوٺ نمرو ملاح، لواري شريف ڀرسان آندو ويو، جتي سندس جنازي ۾ وڏي انگ ۾ مائٽن، دوستن ۽ علائقي واسين شرڪت ڪئي، واقعي کانپوءِ علائقي واسين مطالبو ڪيو آهي ته حادثي جي شفاف جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ بجلي جي هاءِ ٽينشن لائنن تي ڪم دوران حفاظتي ضابطن تي سختي سان عمل ڪرائي اهڙن المناڪ واقعن کي روڪيو وڃي.






مزید خبریں