ڪراچي-17 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار سجاول ۾ پوليس مقابلي دوران پوليس اهلڪار جي شهادت واري واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي ايس ايس پي سجاول کان فوري ۽ تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.گهرو وزير شهيد اهلڪار کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته سنڌ پوليس جي شهيدن جون قربانيون قوم جو قيمتي سرمايو ۽ امن جي قيام جو بنياد آهن. هن شهيد اهلڪار جي …
سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار سجاول ۾ پوليس مقابلي دوران پوليس اهلڪار جي شهادت جو سخت نوٽيس ورتو، ايس ايس پي سجاول کان رپورٽ طلب

مزید خبریں
ڪراچي-17 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار سجاول ۾ پوليس مقابلي دوران پوليس اهلڪار جي شهادت واري واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي ايس ايس پي سجاول کان فوري ۽ تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.گهرو وزير شهيد اهلڪار کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته سنڌ پوليس جي شهيدن جون قربانيون قوم جو قيمتي سرمايو ۽ امن جي قيام جو بنياد آهن. هن شهيد اهلڪار جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله پاڪ شهيد جا درجات بلند فرمائي ۽ پونئرن کي صبر عطا ڪري.ضياءُ الحسن لنجار واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن جي فوري گرفتاري ۽ انهن خلاف بنا فرق جي سخت قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪندي چيو ته پوليس اهلڪارن تي حملو رياست تي حملو سمجهيو ويندو ۽ اهڙن عنصرن سان قانون موجب سختي سان منهن ڏنو ويندو. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته واقعي جي هر رخ کان شفاف جاچ مڪمل ڪري ذميوارن کي جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. اي پي پي/ ص – ع / م – ش / ح – ق 15:45










