ڊي سي لاڙڪاڻو جي صدارت ۾ ضلعي ۾ ايڇ آءِ وي/ايڊز ۽ عطائي ڊاڪٽرن خلاف جاري مهم ۾ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس

لاڙڪاڻو- 17 جولاءِ (اي پي پي) لاڙڪاڻو جي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو صدارت ۾ ضلعي ۾ ايڇ آءِ وي/ايڊز ۽ عطائي ڊاڪٽرن خلاف جاري مهم ۾ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ڊي سي آفيس لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر شوڪت ابڙو، ڊپٽي ڊائريڪٽر سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن لاڙڪاڻو ڊاڪٽر مجاهد حسين، فوڪل پرسن ڊي ايڇ او آفيس ڊاڪٽر فرمان …

لاڙڪاڻو- 17 جولاءِ (اي پي پي) لاڙڪاڻو جي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو صدارت ۾ ضلعي ۾ ايڇ آءِ وي/ايڊز ۽ عطائي ڊاڪٽرن خلاف جاري مهم ۾ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ڊي سي آفيس لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر شوڪت ابڙو، ڊپٽي ڊائريڪٽر سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن لاڙڪاڻو ڊاڪٽر مجاهد حسين، فوڪل پرسن ڊي ايڇ او آفيس ڊاڪٽر فرمان علي ابڙو، تعلقہ هيلٿ آفيسرن، ايڇ آءِ وي/ايڊز جي  فوڪل پرسنز ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر لاڙڪاڻو اجلاس کي سجي ضلعي ۾ ايڇ آءِ وي/ايڊز ۽ عطائين جي موجوده صورتحال کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي انچارج ايڇ آءِ وي/ايڊز سينٽر رتوديرو ڊاڪٽر عبدالڪريم ميمڻ ۽ انچارج ايڇ آءِ وي/ايڊز سينٽر شيخ زيد وومين اسپتال لاڙڪاڻو ڊاڪٽر انيلا اسراڻ ايڇ آءِ وي/ايڊز جا تازا انگ اکر ۽ انهن مرڪزن ۾ علاج هيٺ مريضن جا تفصيل پيش ڪيا. ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو سڀني شرڪت ڪندڙن کي هدايت ڪئي ته اهي ايڇ آءِ وي/ايڊز جي مريضن جي تعداد ۾ اضافي جي سببن جي جامع جاچ پڙتال کي يقيني بڻائين ۽ عطائين خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آڻين. هن خاص طور تي انهن علائقن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جتي ايڇ آءِ وي/ايڊز جا نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.ڊپٽي ڪمشنر ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر شوڪت ابڙو کي عطائي ڊاڪٽرن خلاف مهم جو فوڪل پرسن مقرر ڪيو. کيس هدايت ڪئي وئي ته هو سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن ۽ پوليس سان مربوط رابطو رکن ۽ ڪيل ڪاررواين، سيل ڪيل غير قانوني مرڪزن ۽ داخل ڪيل ايف آءِ آرز جي هفتيوار رپورٽ ڊي سي آفيس ۾ جمع ڪرائين.