دوحه -17 جولاءِ (اي پي پي )قطر اسرائيلي ميڊيا طرفان شايع ڪيل ان بي بنياد رپورٽن کي قطعي طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ دعوى ڪئي وئي آهي ته قطر ايران خلاف فوجي ڪارروائي ۾ شرڪت جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق قطر جي انٽر نيشنل ميڊيا آفيس گذريل بيان ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ان دعويٰ جي اشتهاري مهم اهڙن …
ايران خلاف فوجي ڪارروائي ۾ شرڪت تي راضي ناهيون، اسرائيلي ميڊيا رپورٽون غلط آهن: قطر

مزید خبریں
دوحه -17 جولاءِ (اي پي پي )قطر اسرائيلي ميڊيا طرفان شايع ڪيل ان بي بنياد رپورٽن کي قطعي طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ دعوى ڪئي وئي آهي ته قطر ايران خلاف فوجي ڪارروائي ۾ شرڪت جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق قطر جي انٽر نيشنل ميڊيا آفيس گذريل بيان ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ان دعويٰ جي اشتهاري مهم اهڙن ماڻهن طرفان جاري آهي جيڪي قطر کي جنگ طرف وٺي وڃڻ ، ٽياڪڙي ۾ سندس اهم ڪردار کي نقصان پهچائڻ ۽ خطي کي وڌيڪ ڇڪتاڻ ۽ افراتفري طرف وٺي وڃڻ جي ڪوشس ڪري رهيا آهن. بيان ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته قطر جون اختياريون تڪرار جي شروعات کان ئي واضع ڪيون اچن ته قطر نه ڪڏهن ڪنهن پاڙيسري ملڪ خلاف فوجي ڪارروائي ۾ حصو ورتو آهي ۽ نه وري ڪڏهن وٺندو. ان فريم ورڪ ۾ قطر واضع ڪيو آهي ته هو اهڙن گهمراڪن دعويٰ کي تڪرار جي خاتمي لاءِ پنهنجي مسلسل سفارتي ڪوششن کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏيندو، ڇو ته هو سمورن لاڳاپيل ڌرين جي خدشن کي ختم ڪرڻ وارن جامع ۽ پائيدار معاهدن تائين پهچڻ لاءِ پنهنجي علائقائي ۽ عالمي شراڪتدارن سان ويجهڙائي ذريعي پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. خطي ۾ تڪرار جي شروعات بعد قطر علائقائي ۽ عالمي سلامتي کي مضبوط بڻائڻ لاءِ استحڪام حاصل ڪرڻ ۽ ڳالهين، سفارتڪاري ۽ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي رستي تي گامزن رهڻ لاءِ نار وارن ملڪن ۽ تڪراري ڌرين سان پنهنجي سهڪار کي مضبوط ڪيو آهي . قطر تازو ئي آمريڪا جي تازو ايران تي ڪيل حملن بعد ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۽ وسيع ڳالهين جي بحالي لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪرڻ لاءِ آبناءِ هرمز ۾ بحري جهاز راني بابت اختلافن کي ختم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ ايراني اختيارين سان ملاقات لاءِ قطري ڳالهيون ڪندڙن کي تهران موڪليو آهي. اهو سڀ ڪجهه اسرائيلي دعويٰ جي بلڪل ابتڙ آهي.











