دنيا ۾ هر ڏهن مان هڪ شخص انتهائي غربت جو شڪار قرار، 2.3 ارب ماڻهو بک تي سمهن ٿا: گڏيل قومون

نيويارڪ-17 جولاءِ(اي پي پي)گڏيل قومن جي نائب سيڪريٽري جنرل امينه محمد چيو آهي دنيا ۾ هر ڏهن مان هڪ شخص انتهائي غربت جو شڪار آهي، 2.3 ارب ماڻهو هر رات بک تي سمهن ٿا جڏهن ته ٻه ارب کان به وڌيڪ ماڻهن کي صاف پيئڻ جو پاڻي ميسر ناهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اقتصادي سماجي ڪائونسل جي اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته سال 2026ع جا پائيدار ترقياتي …

نيويارڪ-17 جولاءِ(اي پي پي)گڏيل قومن جي نائب سيڪريٽري جنرل امينه محمد چيو آهي دنيا ۾ هر ڏهن مان هڪ شخص انتهائي غربت جو شڪار آهي، 2.3 ارب ماڻهو هر رات بک تي سمهن ٿا جڏهن ته ٻه ارب کان به وڌيڪ ماڻهن کي صاف پيئڻ جو پاڻي ميسر ناهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اقتصادي سماجي ڪائونسل جي اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته سال 2026ع جا پائيدار ترقياتي هدف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي رپورٽ موجب هڪ ڀاڱي ٽي کان وڌيڪ هدف يا درست رخ ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن يا انهن تي معتدل اڳڀرائي ٿي رهي آهي. هن چيو ته بجلي تائين رسائي دنيا جي 92 سيڪڙو آبادي تائين پهچي چڪي آهي جڏهن ته انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن جي شرح 2015ع ۾ 40 سيڪڙو مان وڌي هاڻي 74 سيڪڙو ٿي وئي آهي. امينه محمد چيو ته پائيدار ترقياتي هدف اڄ به انتهائي اهم آهن، ان جا درست نتيجا سامهون اچي رهيا آهن جڏهن ته دنيا 2015ع جي ڀيٽ ۾ تمام مختلف ٿي چڪي آهي. هن چيو ته جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ، معاشي غير يقيني جي صورتحال، موسمياتي تبديلي، حياتياتي واڌ ۾ لاٿ، غذائي عدم تحفظ، قرضن جو بحران ۽ وڌندڙ اڻبرابري جهڙا مسئلا پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي رفتار سست ڪري رهيا آهن جڏهن ته زمين تيزي سان گرم ٿي رهي آهي ۽ پر تشدد تڪرار ڪيترن ئي ڏهاڪن جي بلند ترين سطح تي پهچي چڪي آهن. هن زور ڀريو ته انهن چئلينجن کي منهن ڏين لاءِ گهڻ رخي سهڪار کي مضبوط ڪرڻو پوندو، سيڙپڪاري ۾ اضافو ڪرڻو پوندو ۽ اهڙا ٻيا گڏيل حل اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. امينه محمد سال 2027 ع جي ايس ڊي جي سربراهي اجلاس کي هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو ته اهو اجلاس رڳو اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ تائين محدود نه هجڻ گهرجي پر سال 2030ع تائين پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ عملي نتيجا ۽ نئين سياسي عزم جو مظهر هجڻ گهرجي.