شهيدن جي قربانين سبب ئي قوم مضبوط آهي، اسان کي پنهنجي شهيدن ۽ غازين تي فخر آهي: سنڌ جو گورنر

ڪراچي-16 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيو آهي ته شهيدن جي قربانين سبب ئي قوم مضبوط آهي، اسان کي پنهنجي شهيدن ۽ غازين تي فخر آهي. هن چيو ته اسلام امن، برداشت ۽ رواداري جو مذهب آهي، جڏهن ته وطن جي دفاع خاطر جان قربان ڪندڙ هر فرد عزت اعليٰ مرتبي جو حقدار آهي.هو قومي پيغامِ امن ڪميٽي جي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس …

ڪراچي-16 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيو آهي ته شهيدن جي قربانين سبب ئي قوم مضبوط آهي، اسان کي پنهنجي شهيدن ۽ غازين تي فخر آهي. هن چيو ته اسلام امن، برداشت ۽ رواداري جو مذهب آهي، جڏهن ته وطن جي دفاع خاطر جان قربان ڪندڙ هر فرد عزت اعليٰ مرتبي جو حقدار آهي.هو قومي پيغامِ امن ڪميٽي جي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.گورنر چيو ته اميد آهي مولانا فضل الرحمان شهيدن بابت پنهنجي بيان تي نظرثاني ڪندي پنهنجا لفظ واپس وٺندو. هن چيو ته پاڪ فوج پنهنجي پيشاورانه صلاحيتن سان پاڻ کان ڪيترائي ڀيرا وڏي دشمن کي شڪست ڏني آهي، جڏهن ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي انسانيت جي توهين ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي دلير فيلڊ مارشل دشمن تي خوف طاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ جيڪي پاڪستان جي ڪاميابي تي شرم محسوس ڪن ٿا، انهن جي رويي تي افسوس آهي. هن دعا ڪئي ته الله پاڪ پاڪستان تي پنهنجو فضل ۽ ڪرم هميشه قائم رکي. ان موقعي تي قومي پيغامِ امن ڪميٽي جي ڪوآرڊينيٽر علامه محمد طاهر محمود اشرفي چيو ته قومي پيغامِ امن ڪميٽي سڀني مڪتبن فڪر ۽ مشائخ جو گڏيل پليٽ فارم آهي، جنهن جو دائرو ڊويزن ۽ ضلعي سطح تائين وڌايو ويندو.هن چيو ته پاڪ فوج جا شهيد سڄي قوم جو فخر آهن ۽ پاڪستان سڀني مسلڪن ۽ مذهبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو گڏيل وطن آهي. پاڪستان خلاف جارحيت ڪندڙ هر قوت سڄي قوم جي گڏيل دشمن آهي ۽ ڪنهن کي به شهيدن ۽ غازين جي توهين ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.علامه طاهر اشرفي چيو ته اٺ هزار کان وڌيڪ عالمن پاڪستان خاطر پنهنجون جانيون قربان ڪري چڪا آهن ۽ عالم سڳورا پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهن. هن چيو ته قومي پيغامِ امن ڪميٽي قومي اتحاد ۽ يڪجهتي کي هٿي وٺرائڻ ۾  اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جڏهن ته وطن جي سلامتي، امن، استحڪام ۽ قومي يڪجهتي لاءِ سمورن طبقن کي گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جو اسلام سان ڪو به تعلق ناهي، جڏهن ته ڀارت ۽ اسرائيل پاڪستان خلاف سازشن ۽ ڇڪتاڻ کي هٿي ڏيڻ چاهين ٿا. هن زور ڀريو ته "پيغامِ پاڪستان” قومي اتفاقِ راءِ تي ٻڌل اهم دستاويز آهي، جنهن تي مؤثر عملدرآمد وقت جي اهم ضرورت آهي.