مولانا فضل الرحمان پنهنجو بيان واپس وٺي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي-16 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته پنجاب ۽ سنڌ ۾ ڪڻڪ جو بمپر فصل لٿو، فصل لھڻ سان گڏ ئي منافعي خورن ۽ ذخيرو ڪندڙن وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ خريد ڪري ذخيرو ڪري ڇڏي، جنھن جي ڪري سرڪاري سطح تي گھربل مقدار ۾ ڪڻڪ ذخيرو ٿي نه سگھي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب …

ڪراچي-16 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته پنجاب ۽ سنڌ ۾ ڪڻڪ جو بمپر فصل لٿو، فصل لھڻ سان گڏ ئي منافعي خورن ۽ ذخيرو ڪندڙن وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ خريد ڪري ذخيرو ڪري ڇڏي، جنھن جي ڪري سرڪاري سطح تي گھربل مقدار ۾ ڪڻڪ ذخيرو ٿي نه سگھي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت اُن صورتحال تي ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ھو، جنھن دوران ھڪ لک 72 ھزار ٽن ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن وٽان ھٿ ڪئي وئي ۽ جن ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن وٽان اھا ڪڻڪ ھٿ آئي اُنھن کي سرڪاري اگھھ ادا ڪيا ويا.ھن ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن کي چتاءُ ڏنو تھ اُھي وٽن موجود ڪڻڪ حڪومت جي حوالي ڪن تھ جيئن عوام کي رليف ملي سگھي، ذخيرو ڪيل ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ اچڻ تائين قيمتن ۾ 13 سيڪڙو لاٿ آئي آھي.شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ڊاڪٽر آڪاش ڪمار جي قتل جو سنڌ حڪومت فوري نوٽس ورتو ۽ پوليس اثرائتي ڪارروائي ڪندي ٽن جوابدارن انيل، رام چند ۽ سريش کي گرفتار ڪري ورتو، جڏھن تھ واردات ۾ استعمال ٿيل گاڏي بھ ھٿ ڪئي وئي آھي. ھن پوليس جي ڪارڪردگي کي ساراھيندي چيو تھ حڪومت ھر سنگين ڏوھھ تي فوري ڪارروائي کي يقيني بڻائي رھي آھي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ شھيدن ۽ غازين خلاف ڏنل بيانن جي شديد مذمت ڪندي چيو تھ پاڪ فوجن ھر محاذ تي ملڪ جو دفاع ڪيو آھي ۽ پاڪ ڀارت جنگ پاڪ آرمي، نيوي ۽ ھوائي فوج دشمن کي عبرتناڪ شڪست ڏني. سندس چوڻ ھو تھ اسان جا جوان وطن جي دفاع جي جذبي سان سرشار ٿي ڊيوٽي تي ويندا آھن ۽ شھادت کي پنھنجي لاءِ ھڪ اعزاز سمجھندا آھن. ھن مولانا فضل الرحمان کي گذارش ڪئي تھ ھو پنھنجو بيان واپس وٺي، ڇاڪاڻ تھ اھڙي بيان کي ڀارتي ميڊيا ۾ نمايان ڪوريج ملي، جنھن سان دشمن کي فائدو پھتو. ھن چيو تھ شھيد ۽ غازي پوري قوم جا ھيروز آھن، سندس رتبي کي ڪنھن بيان سان ڇيھو رسي نھ ٿو سگھي. جڏھن تھ پاڪ فوج ۾ نوڪري رڳو پگھار لا نھ پر وطن جي دفاع جي جذبي تحت ڪئي ويندي آھي. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ پاڪ ڀارت جنگ دوران پوري قوم متحد ھُئي ۽ زندگي جي ھر شعبي جي فرد پنھنجي پنھنجي محاذ تي ڪردار ادا ڪيو. ھن چيو تھ پاڪستان پيپلز پارٽي سدائين آمريت خلاف جدوجھد ڪئي، پر ڪڏھن بھ پنھنجن فوجن خلاف ڳالهھ نه ڪئي. ھن چيو تھ پاڪستان اسلامي دُنيا جو واحد ملڪ آھي جنھن ڏانھن ڪوبه ميري اک سان نھ ٿو ڏسي، جنھن جو وڏو سبب ذوالفقار علي ڀٽو پاران ملڪ کي ايٽمي قوت بڻائڻ آھي. سندس چوڻ ھو تھ ھي ملڪ اسان سڀني جو آھي، ڪنھن کي بھ پنھنجون حدون اورانگھڻ نھ گھرجن ۽ سمورن سياسي، عسڪري، ڪاروباري ۽ سماجي طبقن جو ملڪي مفاد تي ھڪ ئي موقف ھجڻ گھرجي. سوالن جا جواب ڏيندي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ مولانا فضل الرحمان تجربيڪار سياستدان آھي، جيڪڏھن ھو پنھنجو بيان واپس وٺندو ته سندس قد ڪاٺ ۾ اضافو ٿيندو. ھن چيو تھ ھاڻوڪين حالتن ۾ وزير اعظم جيڪو به فيصلو ڪندو اھو ملڪي معيشت کي نظر ۾ رکي ڪندو. ڪڻڪ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته پنجاب ۽ سنڌ پنھنجون پنھنجون پاليسيون جوڙيون آھن، مون کي نھ ٿو لڳي تھ پنجاب مان ڪڻڪ افغانستان وئي ھُجي، پر سنڌ مان ڪڻڪ پنجاب وڃڻ جون شاھديون موجود آھن. ھن واضح ڪيو تھ آئين موجب ڪنھن بھ صوبي کي ٻئي صوبي ۾ ويندڙ ڪڻڪ روڪڻ جو اختيار حاصل ناھي. ھن چيو تھ پريا ڪماري جو معاملو انتھائي سنجيدھ آھي ۽ اُن تي حڪومت جو موقف اڳواٽ ئي سامھون اچي چُڪو آھي. مصطفيٰ ڪمال بابت سوال جي جواب ۾ ھن چيو تھ مصطفيٰ ڪمال کي ڌرڻو نھ ڏيڻ گھرجي، پر پھرين وفاقي وزارت تان استيعفا ڏئي سيٽ ڇڏڻ گھرجي ۽ ضمني چونڊون وڙھي خبر پئجي ويندي. پاڻي جي کوٽ بابت سوال جي جواب ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ حڪومت ڪيترائي ڀيرا وزير اعظم ۽ وفاقي حڪومت کي خط لکي مطالبو ڪيو آھي تھ سنڌ کي سندس حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ۽ ارسا پنھنجي آئيني ذميواري پوري ڪندي معاھدي موجب صوبن ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ يقيني بڻائي. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ پيپلز پارٽي پنھنجي قيادت جون قربانيون ڏنيون، سختيون ڀوڳيون پر ڪڏھن بھ قومي ادارن جي خلاف ڳالهھ نه ڪئي. ھن چيو تھ پرويز مشرف کي وردي ۾ ايوان صدر ۾ ويھارڻ وارين پارٽين ۾ ايم ايم اي به شامل ھُئي.ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ھن چيو تھ ھي شھر ملڪي معيشت جي بنياد آھي، پنجاب ۾ بين الاضلاعي موٽر ويز تعمير ڪيون پيون وڃن، پر وفاق سنڌ ۾ ڪو وڏو موٽر وي منصوبو نھ پيو شروع ڪري، جيڪا ڳالهھ صوبي، ملڪي معيشت سان زيادتي آھي. سيد ناصر شاھ جي صحت بابت سوال جي جواب ۾ ھن ٻڌايو تھ صوبائي وزير سيد ناصر شاھھ دُبئي ۾ موجود ھو، جتي سندس دماغ ۾ بلڊ ڪلاٽ جي ڪري سندس طبعيت خراب ٿي وئي، کيس اُتي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ھن چيو تھ اُن جو مطلب اھو ناھي تھ سنڌ ۾ علاج جون سھولتون موجود ناھن پر اڄ بھ صوبي ۾ جديد ۽ اسٽيٽ آف دي آرٽ اسپتالون موجود آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ صوبي جي وحدت خلاف ڳالهھ ڪرڻ وارا اصل ۾ ٽڪراءُ چاھين ٿا تھ جيئن سندن مُئل سياست کي نئين زندگي ملي سگھي،حڪومت اھڙي ڪنھن بھ قسم جي قدم کان پاسو ڪندي. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ھن چيو تھ ارسا پنھنجي ذميواري ادا ڪندي سمورن صوبن کي ٺاھ موجب سندن حصي جو جائز پاڻي فراھم ڪري.