ڪراچي-16 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ حڪومت پهرين سنڌ اسپورٽس پاليسي متعارف ڪرائڻ، سنڌ يوٿ ڪارڊ جي جاري ٿيڻ واري عمل کي تيز ڪرڻ ۽ سنڌ اسپورٽس بورڊ کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. هي فيصلو سنڌ جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري وزير سردار محمد بخش مهر جي صدارت هيٺ منعقد ٿيل هڪ اهم اجلاس ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ راندين واري سيڪريٽري منور علي …
سنڌ حڪومت پهرين سنڌ اسپورٽس پاليسي متعارف ڪرائڻ ۽ يوٿ ڪارڊ جاري ڪرڻ جي عمل کي تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو: سردار محمد بخش مهر

مزید خبریں
ڪراچي-16 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ حڪومت پهرين سنڌ اسپورٽس پاليسي متعارف ڪرائڻ، سنڌ يوٿ ڪارڊ جي جاري ٿيڻ واري عمل کي تيز ڪرڻ ۽ سنڌ اسپورٽس بورڊ کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. هي فيصلو سنڌ جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري وزير سردار محمد بخش مهر جي صدارت هيٺ منعقد ٿيل هڪ اهم اجلاس ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ راندين واري سيڪريٽري منور علي مهيسر، ايڊيشنل سيڪريٽري اسد اسحاق، چيف انجنيئر محمد اسلم مهر، ڊپٽي ڊائريڪٽر حبيب الله ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ اسپورٽس پاليسي، سنڌ اسپورٽس بورڊ ۽ سنڌ يوٿ ڪارڊ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي خطاب ڪندي راندين واري وزير سردار محمد بخش مهر چيو ته سنڌ يوٿ ڪارڊ ذريعي صوبي جي 30 ضلعن جي 15 کان 29 سالن جي عمر جي هڪ لک نوجوانن کي مختلف سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته يوٿ ڪارڊ تحت نوجوانن کي تعليمي اسڪالرشپون، ڪاروبار لاءِ بنا وياج جي قرض، مالي مدد، عالمي معيار جي اسڪل ٽريننگ ۽ سفري سهولتن سميت مختلف شعبن ۾ امڪاني خاص رعايتون ڏنيون وينديون. هن وڌيڪ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي سنڌ يوٿ ڪارڊ جون سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن ۽ اهو منصوبو جلد نوجوانن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو. راندين واري وزير نوجوانن جي معاملن واري کاتي کي نوجوانن لاءِ وڌيڪ فلاحي ۽ ترقياتي پروگرام متعارف ڪرائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. سردار محمد بخش مهر چيو ته تجويز ڪيل سنڌ اسپورٽس پاليسي صوبي ۾ راندين ۽ رانديگرن لاءِ هڪ نئين دور جي شروعات ثابت ٿيندي. ان جي مطابق هن پاليسي ذريعي قديم ۽ جديد راندين کي هٿي، رانديگرن جي ڀلائي، راندين جي انفراسٽرڪچر جي توسيع، اسپورٽس ايسوسيئيشنز جي رجسٽريشن جي طريقيڪار کي طئي ڪرڻ ۽ اسڪولن توڙي ڪاليجن ۾ راندين جي سرگرمين کي نئين سر فعال بڻايو ويندو. اجلاس ۾ راندين واري سيڪريٽري منور علي مهيسر بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته تجويز ڪيل سنڌ اسپورٽس پاليسي تي تعليم کاتي، ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ بورڊن، صحت، قانون، ڊي پي ڊي ۽ سنڌ اولمپڪ ايسوسيئيشن سميت لاڳاپيل ادارن کان تجويزون طلب ڪيون ويون آهن. راندين واري وزير چيو ته 18هين آئيني ترميم کان بعد رانديون صوبائي موضوع آهن، ان روشنيءَ ۾ سنڌ حڪومت هڪ جامع ۽ جديد اسپورٽس پاليسي جوڙي رهي آهي. هن ٻڌايو ته پهرين سنڌ اسپورٽس پاليسي منظوري لاءِ سنڌ ڪابينا ۾ پيش ڪئي ويندي، جنهن کان بعد ان کي لاڳو ڪيو ويندو.











