سکر-16 جولاءِ (اي پي پي) ڪمشنر سکر ڊويزن عابد سليم قريشي جي صدارت هيٺ آگسٽ 2026ع ۾ ٿيندڙ پوليو بوسٽر ڊوز مهم جي سلسلي ۾ ڊويزنل ٽاسڪ فورس جو اجلاس ڪمشنر آفيس سکر ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ صحت کاتي، پي پي ايڇ آءِ (PPHI)، تعليم کاتي، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن (SEF)، ڊويزنل ٽاسڪ فورس (DTF) ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ڊويزنل پوليو آفيسر شرڪت ڪندڙن …
ڪمشنر سکر جي صدارت هيٺ آگسٽ ۾ ٿيندڙ پوليو بوسٽر مهم جي سلسلي ۾ اجلاس

مزید خبریں
سکر-16 جولاءِ (اي پي پي) ڪمشنر سکر ڊويزن عابد سليم قريشي جي صدارت هيٺ آگسٽ 2026ع ۾ ٿيندڙ پوليو بوسٽر ڊوز مهم جي سلسلي ۾ ڊويزنل ٽاسڪ فورس جو اجلاس ڪمشنر آفيس سکر ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ صحت کاتي، پي پي ايڇ آءِ (PPHI)، تعليم کاتي، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن (SEF)، ڊويزنل ٽاسڪ فورس (DTF) ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ڊويزنل پوليو آفيسر شرڪت ڪندڙن کي خاص طور تي دريائي (Riverine) علائقن ۾ پوليو بوسٽر ڊوز مهم جي تيارين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ڪمشنر سکر ڊويزن عابد سليم قريشي، مجموعي تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪندي مهم جي اثرائتي ۽ ڪاميابي لاءِ ڪيتريون ئي اهم هدايتون جاري ڪيون. هن هدايت ڪئي ته قابل، تجربيڪار ۽ ذميوار سوشل موبلائيزرن جي چونڊ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ گهر گهر رجسٽريشن واري عمل جي مؤثر نگراني ڪئي وڃي. هن چيو ته پوليو مهم کي پي پي ايڇ آءِ جي هيلٿ ڪيمپن سان مربوط ڪيو وڃي ته جيئن حدف وارن علائقن ۾ ٻارن ۽ سندن خاندانن کي صحت جون جامع ۽ معياري سهولتون فراهم ڪري سگهجن. ڪمشنر سکر ڊويزن عابد سليم قريشي موجوده سخت گرميءَ کي نظر ۾ رکندي ڪولڊ چين سسٽم کي مڪمل طور فعال رکڻ جي هدايت ڪندي چيو ته هر ويڪسينيشن ٽيم کي اضافي آئس پيڪس فراهم ڪيا وڃن، جڏهن ته هنگامي صورتحال ۾ ويڪسين جي معيار کي برقرار رکڻ لاءِ گهرن ۾ موجود سولر ريفريجريٽرن جي پڻ نشاندهي (ميپنگ) ڪئي وڃي، جيئن ويڪسين جي اثرائتيت ٻار تائين برقرار رهي. هن سمورن ضلعن کي هدايت ڪئي ته مهم دوران يونين ڪائونسل سپورٽ ٽيمون مڪمل طور تي فعال رهن، ڪولڊ چين جي مسلسل نگراني ڪن ۽ جتي ضرورت پوي، اتي اضافي برف جي بروقت فراهمي کي يقيني بڻائين. اجلاس ۾ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته تعليم کاتي ۽ پي پي ايڇ آءِ کي باضابطه خط جاري ڪري مهم دوران گهربل سهڪار ۽ لاڳاپيل علائقن جي تفصيل کان آگاهه ڪيو وڃي. ان سان گڏوگڏ ٽيم سپورٽ سينٽر طور مقرر صحت مرڪزن جي ڊيوٽي وقتن ۾ واڌ، ضلعي ۽ صحت مرڪزن تي تربيت يافته AEFI فوڪل پرسنن جي نامزدگي ۽ مهم دوران ايمبولينس جي سهولت فراهم ڪرڻ جي به درخواست ڪئي ويندي آخر ۾ ڪمشنر سکر ڊويزن عابد سليم قريشي، ڊپٽي ڪمشنرن، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسرن، اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ڊي اي او سي (DEOC) جي شريڪ ادارن پاران انساني وسيلن جي چونڊ ۽ مهم جي تيارين ۾ ڪيل پيش رفت کي ساراهيندي چيو ته سڀئي لاڳاپيل ادارا گڏيل سهڪار، مؤثر رابطي ۽ ذميواريءَ سان پنهنجا فرض سرانجام ڏين ته جيئن پوليو بوسٽر ڊوز مهم ڪاميابي سان مڪمل ٿئي ۽ هر ٻار تائين ويڪسين جي محفوظ ۽ بروقت رسائي يقيني بڻائي سگهجي.











