سکر-16 جولاءِ (اي پي پي) سينٽرل جيل سکر ۾ نوجوان قيدي مبينا طور خودڪشي ڪري ڇڏي. خبر موجب دنيش ڪمار نالي قيدي ٻن مهينن کان شراب ايڪٽ جي هڪ ڪيس تحت جيل ڪسٽڊي ٿيل هو. ان سلسلي ۾ جيل انتظاميا ٻڌايو آهي ته دنيش ڪمار 11 مئي 2026ع کان جيل ۾ قيد هو ۽ کيس منشيات جي استعمال جي شڪ سبب جيل اسپتال ۾ نگراني هيٺ رکيو ويو هو. انتظاميا …
سينٽرل جيل سکر ۾ نوجوان قيدي مبينا طور خودڪشي ڪري ڇڏي، وارثن پاران پوسٽ مارٽم کان انڪار

مزید خبریں
سکر-16 جولاءِ (اي پي پي) سينٽرل جيل سکر ۾ نوجوان قيدي مبينا طور خودڪشي ڪري ڇڏي. خبر موجب دنيش ڪمار نالي قيدي ٻن مهينن کان شراب ايڪٽ جي هڪ ڪيس تحت جيل ڪسٽڊي ٿيل هو. ان سلسلي ۾ جيل انتظاميا ٻڌايو آهي ته دنيش ڪمار 11 مئي 2026ع کان جيل ۾ قيد هو ۽ کيس منشيات جي استعمال جي شڪ سبب جيل اسپتال ۾ نگراني هيٺ رکيو ويو هو. انتظاميا جو چوڻ آهي ته 16 جولاءِ جي رات هن جيل اسپتال جي واش روم ۾ پنهنجي پتلون جي ڏوري ذريعي ڦاهو ٺاهي خودڪشي ڪئي آهي. صورتحال جو اطلاع ملڻ بعد جيل انتظاميا قيديء کي فوري اسپتال منتقل ڪيو جتي جيل جي ڊيوٽي ڊاڪٽر معائني بعد کيس فوت ٿيل قرار ڏنو،ياد رهي ته دنيش ڪمار کي سکر جي سي سيڪشن ٿاڻي پوليس شراب ايڪٽ تحت ڪيس نمبر 172/2026 ۾ گرفتار ڪيو جنهن کي بعد ۾ جيل موڪليو ويو۔ فوتي جو لاش روهڙي تعلقي اسپتال پوسٽ مارٽم لاء آندو ويو جتي وارثن پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪارڪندي لاش حوالي ڪرڻ لاء زورڀريو۔جنهن بعد ضروري ڪاغذي ڪارروائي کانپوءِ نوجوان جو لاش حوالي ڪيو ويو.











