بدين جي ڊپٽي ڪمشنر پاران روينيو کاتي کي زمينن جي ملڪيت وارين داخلائن جي ٻيهر تصديق ۽ درستگي کي شفاف بڻائڻ جي هدايت

بدين - 16 جولاءِ (اي پي پي) بدين جي ڊپٽي ڪمشنر ياسر ڀٽي روينيو کاتي کي زمينن جي ملڪيت وارين داخلائن جي ٻيهر تصديق ۽ درستگي کي شفاف بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته رڪارڊ آف رائٽس جي ٻيهر لکت انتهائي اهم ۽ حساس ڪم آهي، سڀني کي ايمانداري، شفافيت ۽ احتياط سان ڪم ڪرڻو پوندو، ڪنهن به قسم جي غفلت، بدعنواني يا جعلسازي جي صورت ۾ سخت قانوني …

بدين – 16 جولاءِ (اي پي پي) بدين جي ڊپٽي ڪمشنر ياسر ڀٽي روينيو کاتي کي زمينن جي ملڪيت وارين داخلائن جي ٻيهر تصديق ۽ درستگي کي شفاف بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته رڪارڊ آف رائٽس جي ٻيهر لکت انتهائي اهم ۽ حساس ڪم آهي، سڀني کي ايمانداري، شفافيت ۽ احتياط سان ڪم ڪرڻو پوندو، ڪنهن به قسم جي غفلت، بدعنواني يا جعلسازي جي صورت ۾ سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. بدين جي ڊپٽي ڪمشنر ياسر ڀٽي صحت، چائلڊ پروٽيڪشن، هاري ڪارڊ، رڪارڊ جي نيئن سر لکت، ڪچي آبادي ۽ مذهبي ھم آهنگي بابت جُدا جُدا اجلاسن جي صدارت ڪئي، روينيو بابت اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر ضلعي جي سمورن روينيو عملدارن کي رڪارڊ آف رائٽس جي خصوصي نظرثاني بابت هدايتون ڏيندي چيو ته سيڪشن 40 سنڌ لينڊ روينيو ايڪٽ 1967 تحت رڪارڊ آف رائٽس جي خصوصي نظرثاني لاءِ باقاعده اسٽينڊرڊ آپريٽنگ پروسيجر (SOP) جاري ڪيا ويا آهن، جن تحت زمينن جي ملڪيت وارين داخلائن جي ٻيهر تصديق ۽ درستگي ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته رڪارڊ آف رائٽس جي ٻيهر لکت انتهائي اهم ۽ حساس ڪم آهي، تنهن ڪري سمورن عملدارن کي ايمانداري، شفافيت ۽ احتياط سان پنهنجون ذميواريون نڀائڻيون آهن، هن هدايت ڪئي ته سڄي عمل کي شفاف بڻايو وڃي ۽ ڪنهن به قسم جي غفلت، بدعنواني يا جعلسازي جي صورت ۾ سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته هو سڄي عمل جي ذاتي طور نگراني ڪندو، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سنڌ بينڪ جي مينيجر ۽ زراعت کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته باقي رهيل هاري ڪارڊ جيڪي سنڌ بينڪ جي برانچن ۾ پيل آهن اهي جلد کان جلد آبادگارن کي ڏنا وڃن ته جيئن آبادگار هاري ڪارڊ مان مالي فائدو حاصل ڪري سگهن. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايگريڪلچر رميش ڪمار ۽ سنڌ بينڪ بدين جي مينيجر ڪاشف رضا خواجه بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هاري ڪارڊ سروي وقت 34 ھزار آبادگارن جي سروي ڪئي وئي جنهن مان 27 ھزار هاري ڪارڊ جاري ڪيا ويا، تقريبا 24 هزار آبادگارن هاري ڪارڊ وصول ڪيا باقي 3 ھزار هاري ڪارڊ سنڌ بينڪ ۾ موجود آهن، جنهن مان ڪجهه ڪارڊن ۾ درستگي ڪري آبادگارن کي ڏنا ويندا. گڏجاڻيون منعقد ڪيون ويون آهن سنڌ سرڪار سنڌ جون بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. صحت بابت اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر هدايتون ڏيندي چيو ته مريضن کي ويجهي اسپتال ۾ طبعي سهولتون ڏنيون وڃن ضرورت پوڻ تي انڊس بدين ريفر ڪيو وڃي هن صحت سان لاڳاپيل سمورن آفيسرن کي هدايتون ڏيندي چيو ته انتهائي ضرورت وقت مريضن کي ٻين وڏن شهرن ڏانهن ريفر ڪيو وڃي پر ڪوشش وري به اها هجي ته مريض کي ويجهي کان ويجهي اسپتال ۾ صحت جون سهولتون ڏنيون وڃن. مذهبي ھم آهنگي بابت اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي چيو ته بدين ضلعو تاريخي لحاظ کان پر امن ضلعو آهي اقليتي برادري کي مڪمل مذهبي آزادي حاصل آهي ان موقعي تي ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ڪاشف رضا منگي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو راجيش دلپت، ضلعي جا سمورا اسسٽنٽ ڪمشنرز، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر چائلڊ پروٽيڪشن دين محمد ڏيرو، ڊي آئي بي انچارج انسپيڪٽر محمد خان سومرو، اسسٽنٽ جيل سپرينٽينڊنٽ عبدالحميد سومرو، اسسٽنٽ ايگريڪلچر انيس راهمون، اقليتي اڳواڻ جيوت رام، فوڪل پرسن ضلعي ڪائونسل بدر ميمڻ، فوڪل پرسن ميونسپل ڪميٽي بدين عبدالڪريم اڍيجو، عبدالجبار ميمڻ، انڊس اسپتال بدين جي هيڊ آف ڪيمپس ڊاڪٽر سڪندر علي ميمڻ، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر رسول بخش ميمڻ، اين اسٽاپ آفيسر ڊاڪٽر ڪريم بخش گاڏاھي، ڊاڪٽر زاهد زئنور ۽ ٻيا موجُود هُئا.