ڄامشورو- 16 جولاءِ (اي پي پي) مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو ۾ نئين بيچ(26) جي تعارفي تقريب 20 جولاءِ تي مھراڻ يونيورسٽي جي آڊيٽوريم ۾ ٿيندي، تعارفي تقريب ۾ نئين داخلا سان آيل شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مھراڻ يونيورسٽي جي قانون قاعدن، ماحول ۽ اداري ۾ موجود سھولتن هاسٽلن، لائبريري، ٽرانسپورٽ، ليبارٽرين ۽ ورڪاشپس بابت آگاھي ڏني ويندي. تعارفي تقريب جي انتظامن لاءِ مھراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحہ حسين علي جي …
مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو ۾ نئين بيچ جي تعارفي تقريب 20 جولاءِ تي ٿيندي

مزید خبریں
ڄامشورو- 16 جولاءِ (اي پي پي) مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو ۾ نئين بيچ(26) جي تعارفي تقريب 20 جولاءِ تي مھراڻ يونيورسٽي جي آڊيٽوريم ۾ ٿيندي، تعارفي تقريب ۾ نئين داخلا سان آيل شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مھراڻ يونيورسٽي جي قانون قاعدن، ماحول ۽ اداري ۾ موجود سھولتن هاسٽلن، لائبريري، ٽرانسپورٽ، ليبارٽرين ۽ ورڪاشپس بابت آگاھي ڏني ويندي. تعارفي تقريب جي انتظامن لاءِ مھراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحہ حسين علي جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنھن ۾ انتظامن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ مھراڻ يونيورسٽي جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيل ڪمار، رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر نصرالله پيرزادو، فئڪلٽيز جي ڊينز ۽ لاڳاپيل شعبن جي سربراهن شرڪت ڪئي. ياد رھي ته مھراڻ يونيورسٽي ۾ ڪارن شيشن وارين ۽ بنا نمبر پليٽ گاڏين جي داخلا تي سختي سان بندش آھي.











