رياض-16 جولاءِ(اي پي پي)سعودي عرب جي دفاع واري وزير شهزاده خالد بن سلمان قطر جي اڳوڻي امير شيخ حمد بن خليفه آل ثاني جي لاڏاڻي تي قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان تعزيت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي ميڊيا موجب شهزاده خالد بن سلمان قطر جي وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم آل ثاني سان ٽيليفون تي رابطو ڪري تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي. ان کان علاوه …
سعودي عرب جي دفاع واري وزير پاران قطر جي وزيراعظم سان ٽيليفون تي رابطو، قطر جي اڳوڻي امير جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

مزید خبریں
رياض-16 جولاءِ(اي پي پي)سعودي عرب جي دفاع واري وزير شهزاده خالد بن سلمان قطر جي اڳوڻي امير شيخ حمد بن خليفه آل ثاني جي لاڏاڻي تي قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان تعزيت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي ميڊيا موجب شهزاده خالد بن سلمان قطر جي وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم آل ثاني سان ٽيليفون تي رابطو ڪري تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي. ان کان علاوه سعودي عرب جي وفد دوحه ۾ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان ملاقات ڪئي ۽ سعودي قيادت پاران قطر جي اڳوڻي امير شيخ حمد بن خليفه آل ثاني جي لاڏاڻي تي تعزيت جو پيغام پهچايو. وفد جي سربراهي مملڪتي وزير ۽ شاهه سلمان جو مشير شهزاده منصور بن متعب بن عبدالعزيز ڪئي. الشرقيه ريجن جو نائب گورنر شهزاده سعود بن بندر، شهزاده ترڪي بن سلمان ۽ پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان شامل هئا.











