طرابلس-16 جولاءِ(اي پي پي) لبيا جي سمنڊ ڪناري ويجهو يورپ وڃڻ لاءِ رواني ٿيل هڪ ٻيڙي ڪلٽي ٿي پئي جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 60 پرڏيهي سوار هيا. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو واقعو اتر آفريقي ملڪ جي سمنڊ ڪناري پيش آيل تازي سامونڊي واقعي مان هڪ آهي. اختيارين موجب ٻيڙي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. لبيا جي اوڀرندي علائقي ۾ ڪوسٽ گارڊز موجب اهو …
لبيا جي سمنڊ ڪناري ويجهو پرڏيهين جي ٻيڙي سان حادثو پيش، 50 ڄڻا اجل جو شڪار يا لاپتا

مزید خبریں
طرابلس-16 جولاءِ(اي پي پي) لبيا جي سمنڊ ڪناري ويجهو يورپ وڃڻ لاءِ رواني ٿيل هڪ ٻيڙي ڪلٽي ٿي پئي جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 60 پرڏيهي سوار هيا. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو واقعو اتر آفريقي ملڪ جي سمنڊ ڪناري پيش آيل تازي سامونڊي واقعي مان هڪ آهي. اختيارين موجب ٻيڙي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. لبيا جي اوڀرندي علائقي ۾ ڪوسٽ گارڊز موجب اهو حادثو سامونڊ شهر طبرق ويجهو بردعا ٻيٽ وٽ پيش آيو. اختيارين موجب 10 ماڻهو ترڻ بعد ٻيٽ جي ڪناري وٽ پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيا ۽ پنهنجي جان بچائي جڏهن ته ٻين جي ڳولا جاري آهي.











