گڏيل قومن پاران بنگلاديش جي سفارتڪار رباب فاطمه افغانستان لاءِ نئين خصوصي نمائنده طور مقرر

گڏيل قومون-16 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس بنگلاديش جي سفارتڪار رباب فاطمه کي افغانستان لاءِ پنهنجو نئون خصوصي نمائندو ۽ گڏيل قومن جي افعانستان بابت معاونتي مشن (يوناما) جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي آفيس مان جاري بيان مطابق رباب فاطمه ان منصب تي ڪرغزستان جي روزا اوتنبايوا جي جاءِ تي ذميواريون سنڀاليندي. بيان ۾ چيو ويو آهي …

گڏيل قومون-16 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس بنگلاديش جي سفارتڪار رباب فاطمه کي افغانستان لاءِ پنهنجو نئون خصوصي نمائندو ۽ گڏيل قومن جي افعانستان بابت معاونتي مشن (يوناما) جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي آفيس مان جاري بيان مطابق رباب فاطمه ان منصب تي ڪرغزستان جي روزا اوتنبايوا جي جاءِ تي ذميواريون سنڀاليندي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته رباب فاطمه قومي ۽ عالمي سول سروس ۾ 30 سالن کان وڌيڪ  جو تجربو رکي ٿي، جنهن کيس ان اهم ذميواري لاءِ موزون بڻايو آهي. رباب فاطمه  هن وقت گڏيل قومن ۾ انڊر سيڪريٽري جنرل ۽ گهٽ ترقي يافته ملڪن، سوڪهڙي ۾ گهريل اسرندڙ ملڪن ۽ ننڍي ٻيٽ نما اسرندڙ ملڪن لاءِ اعليٰ سطهي اڳواڻ طور خدمتون انجام ڏئي رهي آهي. ان کان اڳ هوءَ 2019ع کان 2022ع تائين نيويارڪ ۾ گڏيل قومن لاءِ بنگلاديش جي مستقل نمائنده به رهي چڪي آهي.