دي هيگ-16 جولاءِ (اي پي پي)نيڌرلينڊز ۾ تازي شديد گرمي جي لهر دوران 900 کان وڌيڪ اضافي فوتگيون رڪارڊ ٿيون آهن، جن بابت اختيارين جو چوڻ آهي ته انهن فوتگين ۾ گرمي امڪاني طور تي اهم ڪردار ادا ڪيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق نيڌرلينڊز جي نيشنل انسٽيٽيوٽ فار پبلڪ هيلٿ اينڊ دي انوائرنمينٽ ٻڌايو آهي ته 22 جون کان 5 جولاءِ وچ ۾ امڪاني شرح جي ڀيٽ ۾ 911 اضافي فوتگيون …
نيڌرلينڊز ۾ تازي گرمي دوران 900 کان وڌيڪ اضافي فوتگيون رڪارڊ

مزید خبریں
دي هيگ-16 جولاءِ (اي پي پي)نيڌرلينڊز ۾ تازي شديد گرمي جي لهر دوران 900 کان وڌيڪ اضافي فوتگيون رڪارڊ ٿيون آهن، جن بابت اختيارين جو چوڻ آهي ته انهن فوتگين ۾ گرمي امڪاني طور تي اهم ڪردار ادا ڪيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق نيڌرلينڊز جي نيشنل انسٽيٽيوٽ فار پبلڪ هيلٿ اينڊ دي انوائرنمينٽ ٻڌايو آهي ته 22 جون کان 5 جولاءِ وچ ۾ امڪاني شرح جي ڀيٽ ۾ 911 اضافي فوتگيون رڪارڊ ٿيون. اداري مطابق ملڪ جي ڏکڻ ۽ اوڀر علائقن جتي گرمي پد سڀ کان وڌيڪ رڪارڊ ڪيو ويو، اتي فوتگين ۾ نمايان اضافو ڏسڻ ۾ آيو ۽ انهن علائقن ۾ 576 اضافي فوتگيون ٿيون آهن. 80 سال يا ان کان وڌيڪ عمر جا ماڻهو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا، جن ۾ 547 اضافي فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. اداري عوام تي زور ڀريو آهي ته گرمي جي صحت تي پوندڙ اثرن جي حوالي سان احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون وڃن . اداري مطابق بزرگ ماڻهو ۽ دائمي بيماري ۾ مبتلا ماڻهو شديد گرمي دوران وڌيڪ خطري کي منهن ڏيندا آهن، جڏهن ته گرمي جي لهر دوران فضائي گدلاڻ ۾ اضافو به حساس طبقي تي اضافي دٻاءَ وجهي سگهي ٿو. رائل نيڌرلينڊز ميٽرلاجيڪل انسٽيٽيوٽ جي انگن اکرن مطابق 22 کان 28 جون دوران گرمي پد ۾ غير معمولي اضافو ٿيو ۽ وڌ کان وڌ گرمي پد 39.4 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. اختيارين ٻڌايو ته ملڪ جي ڪجهه علائقن ۾ هاڻي به گرمي پد معمول کان وڌيڪ آهي ، جڏهن ته 11 جولاءِ کان مرڪزي ۽ ڏکڻ نيڌرلينڊز جي ستن صوبن ۾ قومي هيٽ پلان لاڳو ڪيو ويو آهي . ان تحت طبي عملي، سار سنڀال ڪندڙ اداري ۽ رضاڪارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو بزرگ ۽ ٻين حساس ماڻهن جي خصوصي سارسنڀال ڪن.











