گڏيل قومن پاران آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار

گڏيل قومون- 16 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ بيان ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن صورتحال ٻيهر مڪمل جنگ طرف وڃي ٿي ته ان جي قيمت …

گڏيل قومون- 16 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ بيان ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن صورتحال ٻيهر مڪمل جنگ طرف وڃي ٿي ته ان جي قيمت عام شهرين کي ادا ڪرڻي پوندي. هن چيو ته اهڙي ڪنهن به قسم جي تڪرار جا اثر نه رڳو خطي تائين محدود رهندا پر عالمي امن امان ۽ سلامتي ۽ عالمي معيشت تي به تباهه ڪن اثر وجهي سگهن ٿا.