بدين - 15 جولاءِ ( اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ صحت متعلق ڊسٽرڪٽ گريوئنس ريڊريسل ڪميٽي (ڊي جي آر سي) فار سنڌ هيومن ڪيپيٽل انويسٽمينٽ جنهن ۾ صحت جي شعبي سان لاڳاپيل سهولتن ۽ عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ موثر ميڪينزم تي غور ڪيو ويو ۽ عوام کي صحت جون بهتر بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ شڪايتن جي وقت سر …
ڊپٽي ڪمشنر بدين جي صدارت ۾ صحت سان لاڳاپيل معاملن بابت اجلاس

مزید خبریں
بدين – 15 جولاءِ ( اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ صحت متعلق ڊسٽرڪٽ گريوئنس ريڊريسل ڪميٽي (ڊي جي آر سي) فار سنڌ هيومن ڪيپيٽل انويسٽمينٽ جنهن ۾ صحت جي شعبي سان لاڳاپيل سهولتن ۽ عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ موثر ميڪينزم تي غور ڪيو ويو ۽ عوام کي صحت جون بهتر بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ شڪايتن جي وقت سر تدارڪ لاءِ مختلف تجويزن جو جائزو ورتو ويو. ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي چيو ته اسپتالن مان نڪرندڙ ميڊيڪل ويسٽ، جنهن ۾ استعمال ٿيل سرنجون، سوئيون، ڊرپ جون بوتلون ۽ ٻيو خطرناڪ طبي فضلو شامل آهي، ان کي مقرر ڪيل ايس او پيز ۽ ماحولياتي اصولن موجب محفوظ طريقي سان تلف ڪيو وڃي، جيئن انساني صحت ۽ ماحول کي ڪنهن به قسم جي نقصان کان بچائي سگهجي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته سمورون سرڪاري ۽ خانگي اسپتالون، بنيادي صحت مرڪز ۽ لاڳاپيل صحت ادارا ميڊيڪل ويسٽ کي عام ڪچري سان هرگز نه ملائين، پر ان کي الڳ گڏ ڪري مقرر ڪيل طريقيڪار تحت محفوظ نموني تلف ڪرڻ کي يقيني بڻائين. هن چيو ته ميڊيڪل ويسٽ جي مناسب انتظام ۽ محفوظ تلفي سان انفيڪشن جي ڦهلاءَ کي روڪي سگهجي ٿو ۽ عوام کي صحتمند ۽ صاف سٿرو ماحول فراهم ڪري سگهجي ٿو. ڊپٽي ڪمشنر لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ان حوالي سان باقاعده نگراني ڪئي وڃي ۽ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ماحوليات (انوائرونمينٽ) عبدالسلام سمون بريفنگ ڏيندي چيو ته اسپتالن مان نڪرندڙ ميڊيڪل گند ڪچري جي صحيح نموني الڳ ڪرڻ، محفوظ رکڻ، آمدرفت ۾ احتياط سان تلف ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ استعمال ٿيل سرنجون، سوئيون، رت ھاڻيون پٽيون، دستانا، ڊرپ سيون، دوائن جون شيشيون ۽ ٻيو خطرناڪ طبي فضلو شامل هوندو آهي، جيڪو جيڪڏهن مقرر ڪيل طريقيڪار موجب تلف نه ڪيو وڃي ته انساني صحت ۽ ماحول لاءِ سنگين خطرا پيدا ٿي سگهن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ انوائرونمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي (سيپا) جي ضابطن ۽ اسپتال ويسٽ مئنيجمينٽ جي هدايتن تحت سمورن سرڪاري ۽ خانگي صحت ادارن لاءِ ضروري آهي ته اهي ميڊيڪل ويسٽ کي عام ڪچري کان الڳ رکن، رنگن موجب مقرر ٿيل دٻن ۾ گڏ ڪن ۽ ان جي محفوظ ٽرانسپورٽ ۽ ماحول دوست طريقي سان تلفي کي يقيني بڻائين. هن ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ادارن جي آگاهي، باقاعده نگراني ۽ قانون تي عملدرآمد سان ماحولياتي آلودگي کي گهٽائي سگهجي ٿو ۽ عوامي صحت جو بهتر تحفظ ممڪن بڻائي سگهجي ٿو. گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ڪاشف رضا منگي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو راجيش دلپت سميت ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرز، پي پي ايڇ آئي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.










