لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر پاران ضلعي اندر اٽي جي نون سرڪاري اگهن جو اعلان

لاڙڪاڻو- 15 جولاءِ (اي پي پي) لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو ضلعي اندر اٽي جي نون سرڪاري اگهن جو اعلان ڪيو آهي، تفصيل مطابق ڊپٽي ڪمشنر / ڪنٽرولر جنرل آف پرائيس، طارق منظور چانڊيو، سنڌ اسينشل ڪموڊٽيز پرائيس ڪنٽرول اينڊ پروينشن آف پروفٽيئرنگ اينڊ هورڊنگ ايڪٽ، 2005ع جي شق 7 تحت حاصل اختيارن کي استعمال ڪندي ضلعي لاڙڪاڻي اندر اٽي جي نون سرڪاري اگهن جو اعلان ڪيو آهي، …

لاڙڪاڻو- 15 جولاءِ (اي پي پي) لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو ضلعي اندر اٽي جي نون سرڪاري اگهن جو اعلان ڪيو آهي، تفصيل مطابق ڊپٽي ڪمشنر / ڪنٽرولر جنرل آف پرائيس، طارق منظور چانڊيو، سنڌ اسينشل ڪموڊٽيز پرائيس ڪنٽرول اينڊ پروينشن آف پروفٽيئرنگ اينڊ هورڊنگ ايڪٽ، 2005ع جي شق 7 تحت حاصل اختيارن کي استعمال ڪندي ضلعي لاڙڪاڻي اندر اٽي جي نون سرڪاري اگهن جو اعلان ڪيو آهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪڻڪ جي اٽي جو ايڪس مل ريٽ 115 رپيه في ڪلو، چڪيءَ واري اٽي جي قيمت 117 رپيا في ڪلو ۽ ريزڪي ڪڻڪ جي اٽي جي قيمت 120 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي، ايڪس مل فائين اٽي جي قيمت 122 رپيا في ڪلو ۽ ريزڪي فائين اٽي جي قيمت 125 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي. ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو هدايت ڪئي آهي ته فلور مل مالڪ، چڪي مالڪ، هول سيلر، ريزڪي وڪرو ڪندڙ ۽ سمورا لاڳاپيل واپاري مقرر ڪيل اگهن تي سختيءَ سان عملدرآمد کي يقيني بڻائين ۽ پنهنجن دڪانن تي قيمتن جي لسٽ نمايان هنڌ تي لازمي طور لڳائين. پڌرائي ۾ اهو پڻ واضح ڪيو ويو آهي ته دڪاندار يا واپاري مقرر ڪيل سرڪاري اگهه تي اٽو وڪرو ڪرڻ جا پابند هوندا، ان کان وڌيڪ قيمت تي اٽو يا ميدو وڪرو ڪندڙن خلاف لاڳو قانونن موجب سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. نوان اگهه فوري طور لاڳو ٿيندا.

مزید خبریں