لاڙڪاڻو /قمبر- 15جولاءِ (اي پي پي) ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب لاڙڪاڻو علي اڪبر جاگيراڻي اربع ڏينهن قمبر جي ڪميونٽي مڊوائيف نرسنگ اسڪول ۾ صوبائي محتسب جي اداري بابت آگاهي فراهم ڪرڻ لاءِ سيمينار ڪوٺايو، جتي استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سيمينار کي خطاب ڪندي ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب لاڙڪاڻو علي اڪبر جاگيراڻي چيو ته ھر عام ماڻهو کي سستو ۽ تڪڙو انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ صوبائي محتسب …
ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب لاڙڪاڻو پاران قمبر جي ڪميونٽي مڊوائيف نرسنگ اسڪول ۾ آگاهي فراهم ڪرڻ لاءِ سيمينار

مزید خبریں
لاڙڪاڻو /قمبر- 15جولاءِ (اي پي پي) ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب لاڙڪاڻو علي اڪبر جاگيراڻي اربع ڏينهن قمبر جي ڪميونٽي مڊوائيف نرسنگ اسڪول ۾ صوبائي محتسب جي اداري بابت آگاهي فراهم ڪرڻ لاءِ سيمينار ڪوٺايو، جتي استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سيمينار کي خطاب ڪندي ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب لاڙڪاڻو علي اڪبر جاگيراڻي چيو ته ھر عام ماڻهو کي سستو ۽ تڪڙو انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ صوبائي محتسب جو ادارو سموري صوبي اندر ڪم ڪري رهيو آهي جتي سنڌ حڪومت جي کاتن بابت داخل ڪيل شڪايتن جو ازالو ڪيو پيو وڃي جنهن لاءِ تمام آسان طريقيڪار آهي ته توهان سادي پيپر تي پنهنجي شناختي ڪارڊ جي ڪاپي سان گڏ درخواست جمع ڪرائي سگهو ٿا يا آن لائين به درخواست جمع ڪرائي سگهجي ٿي جنهن بعد داخل ڪيل شڪايت تي فوري طور عمل ڪيو ويندو ۽ بنا ڪنهن دير جي شڪايت جو ازالو ڪيو ويندو. سيمينار دوران ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب پاران عام ماڻهن کي صلاح پڻ ڏني ته اھي بنا ڪنهن خوف يا پريشاني جي پنهنجون شڪايتون جمع ڪرائين ته جيئڻ کين ٿيندڙ نا انصافي جو خاتمو ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي. سيمينار ۾ موجود استادن ۽ شاگردن پاران صوبائي محتسب جي اداري بابت مختلف سوال ڪيا ويا جنهن تي ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب لاڙڪاڻو علي اڪبر جاگيراڻي کين تسلي بخش جواب ڏنا. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر قمبر شهدادڪوٽ ڊاڪٽر گلزار احمد تنيو، پرنسپال ڊاڪٽر رضيا سلطانا پڻ موجود هئا.











