واشنگٽن-15 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي هٿيار بند فوج جي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) چيو آهي ته ايران خلاف حملن جو موجوده مرحلو مُڪمل ٿي ويو آهي. سينٽ ڪام پاران سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري بيان موجب اهي ڪارروايون آمريڪي وقت موجب رات جو 10 وڳي مڪمل ٿيون جنهن دوران آبنائي هرمز ۽ ايران جي سامونڊي علائقن ويجهو فوجي هدفن کي نشانو بڻايو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي …
ايران خلاف ستن ڪلاڪن تي ٻڌل حملا مُڪمل ٿي ويا آهن: آمريڪي سينٽ ڪام

مزید خبریں
واشنگٽن-15 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي هٿيار بند فوج جي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) چيو آهي ته ايران خلاف حملن جو موجوده مرحلو مُڪمل ٿي ويو آهي. سينٽ ڪام پاران سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري بيان موجب اهي ڪارروايون آمريڪي وقت موجب رات جو 10 وڳي مڪمل ٿيون جنهن دوران آبنائي هرمز ۽ ايران جي سامونڊي علائقن ويجهو فوجي هدفن کي نشانو بڻايو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي فوج جو چوڻ آهي ته حملن ۾ ايران جي ڊرون ٺڪاڻن، بحري صلاحيتن ۽ سامونڊي دفاعي نطام کي هدف بڻايو ويو. ان ڪارروائي ۾ ڊرونز، جنگي جهازن ۽ بحري جنگي جهازن جو استعمال ڪيو ويو. سينٽ ڪام موجب اهو آپريشن ايران خلاف بحري ۽ سامونڊي ناڪا بندي جي بحالي لاءِ ڪيو ويو ۽ ستن ڪلاڪن اندر مڪمل ٿيو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته انهن حملن جو مقصد واپاري جهازن ۽ عملي کي ايران جي درپيش خطرن ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي.









