گڏيل قومون-15 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ ايران جي مستقل نمائندي امير سعيد ايرواني عالمي اداري جي سيڪريٽري جنرل ۽ سلامتي ڪائونسل جي چيئرمين کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته آمريڪا ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٿيل مفاهمت جي معاهدي جي گهٽ ۾ گهٽ 42 ڀيرا ڀڃڪڙي ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق خط ۾ چيو ويو آهي ته ايران آمريڪي حڪومت طرفان اسلام آباد ايم او يو جي …
آمريڪا مفاهمت جي معاهدن تي صحيحين بعد 42 ڀيرا ڀڃڪڙي ڪري چڪو آهي: ايراني نمائندي پاران گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، سلامتي ڪائونسل جي چيئرمين کي خط

مزید خبریں
گڏيل قومون-15 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ ايران جي مستقل نمائندي امير سعيد ايرواني عالمي اداري جي سيڪريٽري جنرل ۽ سلامتي ڪائونسل جي چيئرمين کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته آمريڪا ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٿيل مفاهمت جي معاهدي جي گهٽ ۾ گهٽ 42 ڀيرا ڀڃڪڙي ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق خط ۾ چيو ويو آهي ته ايران آمريڪي حڪومت طرفان اسلام آباد ايم او يو جي واضع ۽ حقيقي ڀڃڪڙين جي 42 واقعن کي دستاويزي شڪل ڏني آهي. ايراني نمائندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ مفاهمت جي معاهدن تي صحيحين جي اٽڪل فورن بعد ۽ اڄ تائين آمريڪا پنهنجن وعدن کي پورو ڪرڻ ۾ مسلسل ناڪام رهيو آهي ۽ جارحيت ڪري رهيو آهي. ايراني نمائندي چيو ته ايران ۾ عام شهرين ۽ شهري انفراسٽرڪچر خلاف ڄاڻي واڻي آمريڪي حملا جنگي ڏوهه ۽ انسانيت خلاف ڏوهه آهن. 28 فيبروري تي آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران خلاف جنگ جي شروعات بعد جون ۾ آمريڪا – ايران ۽ لبنان سميت سمورن محاذن تي فوري جنگ بندي لاءِ مفاهمت جي معاهدن تي صحيحيون ڪيون هيون. ان کانپوءِ آمريڪا ۽ ايران سوئٽزرلينڊ جي شهر برگن اسٽاڪ ۾ قطر ۽ پاڪستان جي ٽياڪڙي ۾ ڳالهيون ڪيون پر جولاءِ جي پهرين ڏينهن ۾ آمريڪا ايران تي آبناءِ هرمز جي حوالي سان معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو الزام لڳائيندي ايران تي وڏي پيماني تي فضائي حملا ٻيهر شروع ڪري ڇڏيا . 13 جولاءِ تي ايراني پرڏيهي وزير جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو ته ايران ڪڏهن به آمريڪا سان صحيحيون ٿيل مفاهمت جي معاهدي جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي ۽ ان جي عدم تعميل جي سموري ذميواري آمريڪا تي لاڳو ٿئي ٿي.









