برازيليا - 15 جولاءِ (اي پي پي) برازيل جي صدر لوئيزانا سيولو لاڊا سلوا چيو آهي، ته برازيل کي عالمي لاڳاپن ۾ وڌندر غير يقيني واري صورتحال سبب پنهنجي دفاعي صلاحيتن ۽ قومي خودمختياري جي تحفظ تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندو. پرڏيهي ميڊيا موجب هن گذريل ڏينهن ساپالو ۾ انسٽيٽيوٽ آف ايروناٽڪس اينڊ اسپيس جي دوري دوران ڳالهائيندي چيو ته اسان جنگ نه ٿا چاهيون پر اسان اهڙو ملڪ ٺاهڻ …
عالمي سطح تي وڌندڙ غير يقيني واري صورتحال سبب دفاعي صلاحيتن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندو: برازيل جو صدر

مزید خبریں
برازيليا – 15 جولاءِ (اي پي پي) برازيل جي صدر لوئيزانا سيولو لاڊا سلوا چيو آهي، ته برازيل کي عالمي لاڳاپن ۾ وڌندر غير يقيني واري صورتحال سبب پنهنجي دفاعي صلاحيتن ۽ قومي خودمختياري جي تحفظ تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندو. پرڏيهي ميڊيا موجب هن گذريل ڏينهن ساپالو ۾ انسٽيٽيوٽ آف ايروناٽڪس اينڊ اسپيس جي دوري دوران ڳالهائيندي چيو ته اسان جنگ نه ٿا چاهيون پر اسان اهڙو ملڪ ٺاهڻ چاهيون ٿا جيڪو پنهنجي خودمختياري جي دفاع لاءِ مڪمل طور تيار هجي. هن زور ڀريو ته قومي سلامتي جو تحفظ صرف سرحدن جي حفاظت تائين محدود ناهي پر ان ۾ تيل، معدنيات ۽ ٻين اسٽريٽجڪ وسيلن جو تحفظ به شامل آهي. برازيل جي صدر چيو ته اسان پنهنجي دفاعي صنعت جي ترقي تي ڳالهين لاءِ اڳ ئي اجلاس منعقد ڪري چڪا آهيون. برازيل جهڙي ملڪ لاءِ ضروري دفاعي صلاحيتن جو نه هجڻ ناقابل تصور آهي. ان کان اڳ برازيل جي پارليامينٽ ميمبر جوليو لوپس چيو هو ته برازيل کي پنهنجي قومي سلامتي مضبوط بڻائڻ لاءِ روس سان دفاعي تعاون کي سگهه ڏيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته ٽينڪن ۽ ميزائيلن جي تياري جي ٽيڪنالاجي اهڙا شعبا آهن جتي ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون جا بهترين موقعا موجود هجن.









