لاڙڪاڻو پوليس ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي حد ۾ گٽڪي جي فراهمي جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي

لاڙڪاڻو- 14 جولاءِ (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي حد ۾ گٽڪي جي فراهمي جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. تفصيل مطابق سکر روڊ واري علائقي مان گٽڪي جي سپلائر جوابدار کي بولان ڪيري گاڏي ۽ 70 ڪلو گٽڪن سميت گرفتار ڪيو ويو، گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ راجا ڪوري جي نالي سان ٿي آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري چيو آهي ته گرفتار جوابدار جو تعلق بين …

لاڙڪاڻو- 14 جولاءِ (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي حد ۾ گٽڪي جي فراهمي جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. تفصيل مطابق سکر روڊ واري علائقي مان گٽڪي جي سپلائر جوابدار کي بولان ڪيري گاڏي ۽ 70 ڪلو گٽڪن سميت گرفتار ڪيو ويو، گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ راجا ڪوري جي نالي سان ٿي آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري چيو آهي ته گرفتار جوابدار جو تعلق بين الاضلاعي گٽڪي سپلائر گروپ سان آهي. جوابدار جو ڏوهي رڪارڊ چيڪ ڪرڻ سميت کيس خريد ڪندڙن، لوڪل ڊيلرن ۽ سپلائرن بابت پڇا ڳاڇا جاري آهي.