عوامي خدمت، شفافيت ۽ جوابدهي بنيادي اصول آهن، عوام کي سندن چائنٺ تي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ سمورا موجود وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن: گيانچند ايسراڻي

ڪراچي- 14 جولاءِ (اي پي پي) بحالي واري کاتي بابت وڏي وزير جي صلاحڪار گيانچند ايسراڻي وزيراعليٰ ائوس ۾ قائم ”وڏي وزير جي عوامي شڪايتن واري سيل“ ۾ مختلف ضلعن مان مليل عوامي شڪايتون ۽ درخواستون ٻڌيون ۽ انهن جي فوري حل لاءِ لاڳاپيل کاتن ۽ اختيارين کي ضروري هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي شهرين پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي، نيڪال، تعليم، بلدياتي خدمتن، روينيو، سماجي ڀلائي ۽ …

ڪراچي- 14 جولاءِ (اي پي پي) بحالي واري کاتي بابت وڏي وزير جي صلاحڪار گيانچند ايسراڻي وزيراعليٰ ائوس ۾ قائم ”وڏي وزير جي عوامي شڪايتن واري سيل“ ۾ مختلف ضلعن مان مليل عوامي شڪايتون ۽ درخواستون ٻڌيون ۽ انهن جي فوري حل لاءِ لاڳاپيل کاتن ۽ اختيارين کي ضروري هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي شهرين پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي، نيڪال، تعليم، بلدياتي خدمتن، روينيو، سماجي ڀلائي ۽ ٻين بنيادي عوامي مسئلن بابت شڪايتون پيش ڪيون. وڏي وزير جي صلاحڪار سمورن شڪايتن جو تفصيلي جائزو وٺندي لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هر درخواست تي ترجيحي بنيادن تي ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ مسئلن جي فوري ۽ پائيدار حل کي يقيني بڻايو وڃي. گيانچند ايسراڻي چيو ته عوامي شڪايتن کي صرف ڪاغذي ڪارروائي تائين محدود رکڻ بدران انهن جا عملي نتيجا سامهون اچڻ ضروري آهن ته جيئن شهرين کي حقيقي معنيٰ ۾ رليف ملي سگهي. گيانچند ايسراڻي فوري طور سموريون شڪايتون لاڳاپيل اختيارين تائين پهچايون ۽ کين هدايت ڪئي ته مليل شڪايتن تي فوري عملدرآمد ڪيو وڃي، درخواست گذارن کي اڳڀرائي کان باخبر رکيو وڃي ۽ مقرر وقت اندر عملدرآمد رپورٽون جمع ڪرايون وڃن. هن چيو ته وڏي وزير جي خاص هدايتن تي عوامي مسئلن جو وقت تي حل سنڌ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ ڪنهن به شهري جي جائز شڪايت کي نظرانداز نه ڪيو ويندو. عوامي خدمت، شفافيت، جوابدهي ۽ اثرائتي طرزِ حڪمراني سنڌ حڪومت جا بنيادي اصول آهن ۽ عوام کي سندن چائنٺ تي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ سمورا موجود وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن.