پشاور- 14 جولاءِ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي گورنر هائوس پشاور ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي لازوال ڀائيچاري تي ڳالهيون ڪيون ويون. گورنر هائوس جي ترجمان موجب ان موقعي تي سعودي سفير گورنر هائوس جي مختلف حصن جو معائنو ڪيو. گورنر، سعودي سفير کي پشاور جي تاريخ ۽ جاگرافيائي اهميت، …
خيبرپختونخوا جي گورنر سان سعودي عرب جي سفير جي ملاقات، صوبي ۾ معدنيات ۽ ٻين ذخيرن بابت بريفنگ

مزید خبریں
پشاور- 14 جولاءِ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي گورنر هائوس پشاور ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي لازوال ڀائيچاري تي ڳالهيون ڪيون ويون. گورنر هائوس جي ترجمان موجب ان موقعي تي سعودي سفير گورنر هائوس جي مختلف حصن جو معائنو ڪيو. گورنر، سعودي سفير کي پشاور جي تاريخ ۽ جاگرافيائي اهميت، صوبي ۾ معدنيات ۽ ٻين ذخيرن جي حوالي سان بريف ڪيو. ان موقعي تي گورنر چيو ته صوبو گئس ۽ تيل جي وسيع ذخيرن جو مالڪ آهي. خيبرپختونخوا ۽ پشاور ملڪ جي قديم گنڌارا تهذيب رکندڙ آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب دوستي جي نه ٽٽندڙ ٻنڌڻن ۾ جڙيل آهن. هن چيو ته پاڪستاني عوام جي دل سعودي عرب سان گڏ ڌڙڪي ٿي. هن چيو ته خيبر پختونخوا جي شهرين جي اڪثريت حرمين خدمت جو فرض سرانجام ڏئي رهي آهي. هن چيو ته سعودي ايئر لائين جي پشاور کان مديني شريف فلائيٽ ضروري آهي. ان موقعي تي سعودي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي چيو ته هو گورنر هائوس جي مهمان نوازي ۽عزت افزائي تي ٿورائتو آهي. هن چيو ته خيبر پختونخوا جو سافٽ اميج اجاگر ڪرڻ تي گورنر جو ڪردار تعريف جوڳو آهي. هن چيو ته سعودي حڪومت ۽ عوام پاڪستان دوستي تي فخر ڪري ٿو.











