ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ جي صدارت ۾ ماھوار ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس ٿي گذريو

قمبر شهدادڪوٽ- 14 جولاءِ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر ضلع قمبر شهدادڪوٽ ڪامران حسين مشتاق شيخ  جي صدارت هيٺ ڊي سي آفيس قمبر ۾ ماھوار ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس ٿي گذريو، جنهن  ۾  قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ۽ ضلعي انتظاميا جي ماتحت ڪم ڪندڙ سرڪاري ادارن جي سربراهن سميت ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر - ون ذوھيب ضمير اوڍاڻو سڀني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ اي ايس پي شرڪت …

قمبر شهدادڪوٽ- 14 جولاءِ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر ضلع قمبر شهدادڪوٽ ڪامران حسين مشتاق شيخ  جي صدارت هيٺ ڊي سي آفيس قمبر ۾ ماھوار ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس ٿي گذريو، جنهن  ۾  قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ۽ ضلعي انتظاميا جي ماتحت ڪم ڪندڙ سرڪاري ادارن جي سربراهن سميت ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر – ون ذوھيب ضمير اوڍاڻو سڀني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ اي ايس پي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي  ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر – ون ذوھيب ضمير اوڍاڻو ضلعي انتظاميا جي ماتحت ڪم ڪندڙ ادارن جي  ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته جون مهيني ۾ 22 پيٽرول پمپن کي ايراني تيل جي غيرقانوني وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ سيل ڪيو ويو آهي ۽  اينٽي انڪروچمينٽ ڊرائيو تحت سڄي ضلعي ۾ غير قانوني  اڏاوتون ھٽايون پيون وڃن، ان کان علاوه رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته نان ڪسٽم گاڏين، سگريٽن ۽ نشي وارين سوپارين جو وڪرو ڪندڙن خلاف مختلف جڳھن  تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نشاندهي تي ڇاپا هنيا پيا وڃن. ھن وڌيڪ چيو ته ضلعي اندر ٽوٽل 249 مدرسا  آھن، جنهن مان 13 مدرسن  ھن وقت تائين  پنهنجي رجسٽريشن نه ڪرائي آھي، انهن  مدرسن کي رجسٽريشن لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ته مختلف دڪانن تي ڇاپا هڻي 552 پيڪٽ غيرقانوني سگريٽ هٿ ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي ايندڙ  مهيني  لاءِ  نوان ٽاسڪ ڏيندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ضلعي اندر جتي به انڪروچمينٽ جو مسئلو آهي ان کي فوري طور ھٽايو وڃي، ته جيئن ضلعي کي غيرقانوني اڏاوتُن کان صاف رکيو وڃي، ضلعي اندر نان ڪسٽم گاڏين جي چُرپُر تي ڪَڙي نظر رکي وڃي.  ھُن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي ھدايتون ڏيندي چيو ته بلوچستان بارڊر جي سخت نگراني ڪئي وڃي ۽ ھر چيڪ پوسٽ تي نفري وڌائي وڃي ۽ سڄي ضلعي کي منشيات کان پاڪ بڻايو وڃي. ان کان علاوه ضلعي جي سڀني داخلي ۽ خارجي رستن تي ڪَڙي نظر رکي وڃي ته جيئن شدت پسند تنظيمن جي ماڻهن تي نظر رکي سگهجي.  گڏجاڻي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ۽ لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا.